صدر پاران گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ بي گناهه عورت جي تحفظ لاءِ جان قربان ڪرڻ اعليٰ انساني قدرن ۽ قومي خدمت جو هڪ روشن مثال آهي. سومر ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي خاندان سان …

اسلام آباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ بي گناهه عورت جي تحفظ لاءِ جان قربان ڪرڻ اعليٰ انساني قدرن ۽ قومي خدمت جو هڪ روشن مثال آهي. سومر ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته اسلام آباد جي هڪ اهم شاهراهه تي اهڙي طرح جو واقعو ڳڻتي جو سبب آهي ۽ اهڙن واقعن جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

 
مزید خبریں