لاهور- 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن هڪ عورت جي جان ۽ عزت جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري بي مثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مثال قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم اهڙن بهادر پٽن جي …
وزيراعظم پاران گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
لاهور- 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن هڪ عورت جي جان ۽ عزت جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري بي مثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مثال قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم اهڙن بهادر پٽن جي قربانين کي سدائين قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏسندي آهي. وزيراعظم شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم شهيد جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونئرن کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪري ذميوار عنصرن کي قانون مُوجب سخت سزا ڏني وڃي.










