اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي سندس يوم شهادت تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته قوم جي عظيم بهادر پٽ کي قوم جو سلام آهي، ڪارگل جا جبل ڪرنل شير خان شهيد جي بهادري جا گواهه آهن. ڪيپٽن ڪرنل شير خان …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي سندس يوم شهادت تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته قوم جي عظيم بهادر پٽ کي قوم جو سلام آهي، ڪارگل جا جبل ڪرنل شير خان شهيد جي بهادري جا گواهه آهن. ڪيپٽن ڪرنل شير خان ڪارگل ويڙهه ۾ دشمن تي دهشت طاري ڪري ڇڏي. محسن نقوي چيو ته دشمن جو ڀرپور مقابلو ڪندڙ قوم جو دلير سپاهي اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جرئت سان وڙهندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جوانمردي ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جهڙن بهادر جوانن جي هوندي دشمن وطن عزيز ڏانهن ميري اک سان نهاري نٿو سگهي.











