اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ايم بي سومرو ۽ سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ڏکويل …
سينيٽ چيئرمين پاران صحافي ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر ايم بي سومرو جي سس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ايم بي سومرو ۽ سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ سندس ڪامل مغفرت فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام نصيب ڪري ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل برداشت صدمو سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.











