ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي جرئت ۽ قرباني قوم لاءِ هميشه مشعل راه رهندي: سردار اياز صادق

اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال جرئت ۽ عزم سان وطن عزيز جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر چيو ته …

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال جرئت ۽ عزم سان وطن عزيز جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. آچر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر چيو ته قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته ڪارگل جي محاذ تي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي جرئت ۽ بهادري ملڪي تاريخ جو روشن باب آهي ۽ پوري قوم کي پنهنجي ان عظيم هيرو جي قرباني تي فخر آهي. اسپيڪر چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي عظيم قرباني نوجوان نسل لاءِ حب الوطني جو روشن مثال آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن وطن جي دفاع لاءِ هميشه لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم هميشه پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. اسپيڪر چيو ته حق جي ويڙهه  ۾ تاريخي فتح تي پوري قوم الله تعاليٰ جي شڪر گذار آهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه هٿياربند فوج جي جرئت، پيشيواراڻي صلاحيتن، ۽ قوم جي اتحاد ۽ ايمان جو مظهر آهي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. 

مزید خبریں