اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال خاص طور تي دوحه ۾ تازي ثالثي ڳالهه ٻولهه جي دور تي خيالن …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال خاص طور تي دوحه ۾ تازي ثالثي ڳالهه ٻولهه جي دور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ڳالهه ٻولهه ۾ ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اها ڳالهه ٻولهه ويجهي مستقبل ۾ به جاري رهندي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ثابت قدم عزم کي ساراهيو ۽ خطي ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو.










