اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام تائين پ پ جو منشور پهچايو وڃي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آزاد ڄمون ڪشمير جي پ پ جي صدر چوڌري ياسين ۽ جنرل سيڪريٽري فيصل ممتاز راٺوڙ ملاقات ڪئي. چيئرمين کي پ پ آزاد ڄمون ڪشمير …
آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام تائين پ پ جو منشور پهچايو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام تائين پ پ جو منشور پهچايو وڃي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آزاد ڄمون ڪشمير جي پ پ جي صدر چوڌري ياسين ۽ جنرل سيڪريٽري فيصل ممتاز راٺوڙ ملاقات ڪئي. چيئرمين کي پ پ آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ مهم جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير جو عوام منهنجي دل جي ويجهو آهي، مان آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ هر ضلعي ۾ ويندس. ڪشمير مسئلي تي پ پ جو بنياد رکيو ويو هو، مون پوري دنيا آڏو ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پ پ ساڻن گڏ بيٺي آهي. چونڊ مهم جي سلسلي ۾ عوام سان رابطن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام تائين پ پ جو منشور پهچايو وڃي.











