اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت ۾ ريلوي ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي وارو سيڪريٽري، ريلوي وارو سي اي او ۽ آءِ ٽي ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ريلوي کي جديد ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ سمورن جاري ۽ تجويز ڪيل ڊجيٽل رٿائن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ، عوام جي سهولت لاءِ سمورن ڊجيٽل …
ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران پاڪستان ريلوي کي مڪمل طور تي ڊجيٽل ادارو بنائڻ جو عزم
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت ۾ ريلوي ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي وارو سيڪريٽري، ريلوي وارو سي اي او ۽ آءِ ٽي ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ريلوي کي جديد ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ سمورن جاري ۽ تجويز ڪيل ڊجيٽل رٿائن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ، عوام جي سهولت لاءِ سمورن ڊجيٽل خدمتن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ تيز رفتار وارو بنائڻ ۽ راولپنڊي جي طرز تي ٻين وڏين اسٽيشنن تي به جلد ”سمارٽ اينڊ سيف ريلوي اسٽيشننون“ قائم ڪرڻ جا اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس دوران پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽلائزيشن بابت جاري رٿائن ۽ ايندڙ سالن جي هدفن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق پاڪستان ريلوي پنهنجي 78 ساله تاريخ جي رڪارڊ ڊجيٽلائزيشن ڪري رهيو آهي ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي ميدان ۾ سڀ کان اڳتي آهي. اجلاس ۾ مسافرن کي فراهم ٿيندڙ جديد سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته رابطا ايپ تي هن وقت 100 کان وڌيڪ ٽرينون دستياب آهن ۽ هاڻ تائين ريلوي جي 60 وڏين اسٽيشنن کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائز ڪيو ويو آهي. مسافرن کي فوري معاونت لاءِ ريلوي هيلپ لائن 117 کي 24 ڪلاڪن ۽ هفتي جي ستن ڏينهن لاءِ فعال ڪيو ويو آهي، جتي تربيت يافته آءِ ٽي ايجنٽس هر وقت خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته راولپنڊي ۾ ”اسمارٽ اينڊ سيف ريلوي اسٽشن“ جو ڪاميابيءَ سان افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ ڪيل فيصلن تحت ٻين وڏين اسٽيشنن تي به جلد ان جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. عملدارن اجلاس کي مال برداري ۽ انتظامي معاملن جي ڊجيٽلائزيشن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران فريٽ مئنجمينٽ سسٽم، رولنگ اسٽاڪ ٽريڪنگ، ڊجيٽل ويٽ برجز، اي انسپيڪشن رجيم ۽ جديد اٽينڊنس مئنجمينٽ سسٽم کي لاڳو ڪرڻ تي هاڻ تائين ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ايندڙ مال سال دوران ڪيل ڪيترن ئي وڏن ڊجيٽل رٿائن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. انهن رٿائن ۾ 1700 ڪلوميٽر ڊگهي فائبر آپٽڪ بيسڊ ٽرانسميشن نيٽ ورڪ جو قيام ۽ هڪ مڪمل ”فريٽ ڊجيٽلائزيشن ايڪو سسٽم“ جي جوڙجڪ شامل آهي. ان سان گڏ ئي جي پي ايس بيسڊ ٽريڪنگ سسٽم ذريعي مسافرن کي جديد ترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ جديد سگنلنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ ذريعي ٽرين آپريشنز، حفاظت ۽ کاتي جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي رٿائن تي به غور ڪيو ويو. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير سمورين جاري ۽ تجويز ڪيل رٿائن جي وقت سر تڪميل تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ريلوي کي هڪ جديد، محفوظ ۽ مڪمل طور تي ڊجيٽل ادارو بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.











