اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري جنرل مرتضى جاويد عباسي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، مملڪتي …
وزيراعظم سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري جنرل مرتضى جاويد عباسي جي ملاقات
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري جنرل مرتضى جاويد عباسي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحى برڪي پڻ موجود هئا.












