نيويارڪ - 01 جولاءِ (اي پي پي)فرانس شاندار راند جو مظاهرو ڪندي فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي رائونڊ 32 جي ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ سوئيڊن کي 3-0 تان هارائي ورلڊڪپ جي رائونڊ 16 لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽاپ 32 جي ان ميچ ۾ فرانس جي اسٽار فارورڊ ڪيلين ايمباپي 2 ۽ بريڊلي بارڪولا هڪ گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا …
ڪيلين ايمباپي جي 2 گولن عيوض فرانس سوئيڊن کي هارائي فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي ٽاپ 16 رائونڊ ۾ پهچي ويو

مزید خبریں
نيويارڪ – 01 جولاءِ (اي پي پي)فرانس شاندار راند جو مظاهرو ڪندي فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي رائونڊ 32 جي ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ سوئيڊن کي 3-0 تان هارائي ورلڊڪپ جي رائونڊ 16 لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽاپ 32 جي ان ميچ ۾ فرانس جي اسٽار فارورڊ ڪيلين ايمباپي 2 ۽ بريڊلي بارڪولا هڪ گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ياد رهي انهن گولن سان گڏ ڪيلين ايمباپي جا ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ مجموعي طور 18 گول ٿيا ۽ هو ليونل ميسي جي عالمي رڪارڊ کان رڳو هڪ گول پري آهي. هاڻي رائونڊ آف 16 جي وڏي مقابلي ۾ فرانس کي پيراگوئي سان مقابلو ڪرڻو آهي، جنهن جرمني کي پينلٽي شوٽ آئوٽ تي هارائي اپ سيٽ ڪيو هو.











