آءِ سي سي وومينز ٽي – 20 ورلڊڪپ جي ايونٽ مان ڀارتي ٽيم ٻاهر، آسٽريليا سيمي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جو مقابلو ڪندي: ترجمان

لاهور-29 جون (اي پي پي) آسٽريليا لارڊز ۾ کيڏجندڙ آءِ سي سي وومينز ٽي- 20 ورلڊڪپ جي گروپ اي جي اهم ميچ ۾ ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو رڪارڊ 171 رنسن جو هدف مڪمل ڪيو پر گروپ ۾ پهرين پوزيشن به حاصل ڪئي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مطابق ان ڪاميابي سان آسٽريليا سيمي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جو مقابلو ڪندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا …

لاهور-29 جون (اي پي پي) آسٽريليا لارڊز ۾ کيڏجندڙ آءِ سي سي وومينز ٽي- 20 ورلڊڪپ جي گروپ اي جي اهم ميچ ۾ ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو رڪارڊ 171 رنسن جو هدف مڪمل ڪيو پر گروپ ۾ پهرين پوزيشن به حاصل ڪئي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مطابق ان ڪاميابي سان آسٽريليا سيمي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جو مقابلو ڪندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم به آخري چئن ٽيمن ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ٻئي پاسي ان شڪست بعد ڀارتي ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. ڀارت ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون. اسمرتي منڌانا 38، شفالي ورما 34 ۽ جيمه روڊريگز 34 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ڪپتان هرمن پريت ڪور 25 بالن تي 56 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان سوفي مولينيو ٻن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو، 171 رنسن جو هدف حاصل ڪندي آسٽريليا جي شروعات گڏيل طور رهي، پر ايليس پيري ۽ ايشلي گارڊنز چوٿين وڪيٽ لاءِ 100 رنسن جي شاندار شراڪت قائم ڪري ميچ جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو. پيري 56 جڏهن ته گارڊنز 50 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. جارجيا ويئرهم آخر ۾ فاتحاڻيون رنسون ٺاهي ٽيم کي هڪ اوور پهرين ڪاميابي ڏياري ڇڏي. اهو آءِ سي سي وومينز ٽي – 20 ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ڪامياب رن چيز به ثابت ٿيو.