لاهور-29 جون (اي پي پي) آءِ سي سي وومينز ٽي - 20 ورلڊڪپ 2026ع ۾ شرڪت بعد پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس پهچي وئي. آءِ سي سي جي ترجمان مطابق ورلڊڪپ کان اڳ پاڪستان وومين ٽيم آئرلينڊ ۾ منعقد ٽه ملڪي ٽي - 20 ٽورنامينٽ ۾ به حصو ورتو هو، جتي ٽيم ورلڊڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ اهم ميچون کيڏيون هيون. پاڪستان وومين ٽيم جو ورلڊڪپ ۾ …
آءِ سي سي وومينز ٽي – 20 ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس پهچي وئي
لاهور-29 جون (اي پي پي) آءِ سي سي وومينز ٽي – 20 ورلڊڪپ 2026ع ۾ شرڪت بعد پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس پهچي وئي. آءِ سي سي جي ترجمان مطابق ورلڊڪپ کان اڳ پاڪستان وومين ٽيم آئرلينڊ ۾ منعقد ٽه ملڪي ٽي – 20 ٽورنامينٽ ۾ به حصو ورتو هو، جتي ٽيم ورلڊڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ اهم ميچون کيڏيون هيون. پاڪستان وومين ٽيم جو ورلڊڪپ ۾ سفر توقع مطابق نه رهيو. قومي ٽيم گروپ مرحلي ۾ چار ميچون کيڏيون جن مان رڳو هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽن ميچز ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. پاڪستان کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڀارت 64 رنسن تان شڪست ڏني، ٻئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ٻن وڪيٽن تان هارايو، ٽئين ميچ ۾ بنگلاديش 23 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان نيڌدرلينڊز کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ جي پڄاڻي ڪاميابي سان ڪئي. مجموعي طور تي پاڪستان جي ٽيم سيمي فائنل تائين نه پهچي سگهي ۽ گروپ مرحلي ۾ ئي ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.










