ٽي 20 ورلڊڪپ: انگلينڊ وومينز نيوزيلينڊ وومين کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور – 28 جون (اي پي پي) انگلينڊ وومينز آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊڪپ 2026ع جي گروپ جي آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ وومين کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو پنهنجي ناقابل شڪست مهم برقرار رکي پر ويسٽ انڊيز کي به سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو. اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون، …

لاهور – 28 جون (اي پي پي) انگلينڊ وومينز آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊڪپ 2026ع جي گروپ جي آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ وومين کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو پنهنجي ناقابل شڪست مهم برقرار رکي پر ويسٽ انڊيز کي به سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو. اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون، ميلي ڪير 42، سوفي ڊيوائن 30 ۽ سوزي بيٽس 19 رنسن جي اننگز کيڏي. انگلينڊ لاءِ ڊيني گبسن ٻن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته چارلي ڊين جي شاندار ڊائريڪٽ هٽ بروڪ هاليڊي جي اهم شراڪت جو خاتمو ڪيو. هدف حاصل ڪندي انگلينڊ کي رڳو هڪ وڪيٽ جو نقصان کڻڻو پيو. ڊيني وائٽ هوج 53 بالن تي ناقابل شڪست 89 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته صوفيه ڊنڪلي 49 رنسون ٺاهي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. ٻنهي 128 رنسن جي شراڪت قائم ڪئي ۽ ٽيم کي 17.2 اوورز ۾ ڪاميابي ڏياري. ان ڪاميابي سان انگلينڊ گروپ مرحلو ناقابل شڪست ختم ڪيو، جڏهن ته دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي.