لاهور – 28 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل پوڊڪاسٽ جي 86 هين قسط جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڀرندڙ ليفٽ آرم فاسٽ بالر شهزاد گل مهمان طور شرڪت ڪئي آهي. پوڊڪاسٽ دوران هن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ريڊ بال ڪيمپ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان ڪيمپ سبب کيس پنهنجي بالنگ جي مهارت ۾ وڌيڪ اضافي جو موقعو مليو. شهزاد …
پي سي بي جي آفيشل پوڊڪاسٽ جي قسط جاري

مزید خبریں
لاهور – 28 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل پوڊڪاسٽ جي 86 هين قسط جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڀرندڙ ليفٽ آرم فاسٽ بالر شهزاد گل مهمان طور شرڪت ڪئي آهي. پوڊڪاسٽ دوران هن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ريڊ بال ڪيمپ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان ڪيمپ سبب کيس پنهنجي بالنگ جي مهارت ۾ وڌيڪ اضافي جو موقعو مليو. شهزاد گل ڊوميسٽڪ سيزن 26-2025ع ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته هو هن وقت تائين 14 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 73 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪو سندس محنت ۽ صلاحيتن جو ثبوت آهي. ان کان علاوه نوجوان فاسٽ بالر ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي جي يادگار تجربي تي به ڳالهايو ۽ ايوان ڪرڪيٽ جي وڏن اسٽارز سان ڊريسنگ روم شيئر ڪرڻ کي پنهنجي ڪيريئر لاءِ انتهائي فائديمند قرار ڏنو.











