ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران پاڪ فضائيه جي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ فضائيه جا بهادر جوان پوري قوم جو فخر آهن ۽ وطن جي دفاع …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ فضائيه جا بهادر جوان پوري قوم جو فخر آهن ۽ وطن جي دفاع لاءِ سندن خدمتون ۽ عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ پوري قوم شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفاقي وزير دعا گهري ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.