اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مردان ۾ پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز کي پيش آيل حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحه عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي، جن وطن جي …
وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران پاڪ فضائيه جي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مردان ۾ پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز کي پيش آيل حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحه عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي، جن وطن جي خدمت ۽ دفاع جي مقدس فرض جي ادائگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل ڪٽنبن کي صبر عطا فرمائي. هن چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.











