شنگهائي تعاون تنظيم ميمبر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 25هين يوم تاسيس جي موقعي تي ايس سي او خاندان کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته 2001ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ايس سي او علائقائي تعاون جي هڪ اهم پليٽ فارم طور اڀريو آهي. اها تنظيم پنهنجي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 25هين يوم تاسيس جي موقعي تي ايس سي او خاندان کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته 2001ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ايس سي او علائقائي تعاون جي هڪ اهم پليٽ فارم طور اڀريو آهي. اها تنظيم پنهنجي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي امن، سلامتي، استحڪام، اقتصادي تعاون، گڏيل رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته 25هين سالگرهه جو هي سنگ ميل “شنگهائي اسپرٽ” جي پائيدار قوت جي تصديق ڪري ٿو جيڪو گڏيلا عتماد، برابري، گهڻ رخي ثقافت جي احترام، گڏيل ترقي ۽ تعميري رابطن جي اصولن جي ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندو آيو آهي. ايس سي او ۾ پاڪستان جو سفر، مبصر جي حيثيت کان وٺي 2017ع ۾ مڪمل ۽ف عال ميمبر بڻجڻ تائين، گهڻ رخي تعاون جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ وابستگي ۽ پنهنجي خطي جي صلاحيتن تي اسان جي اعتماد جو مظهر آهي. پاڪستان ايس سي او چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن سان مڪمل وابستگي رکي ٿو. اسان عالمي قانون جي احترام ۽ بهتر پاڙيسريت جي فروغ جي حوالي سان ايس سي او جي موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته اسان هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي سربراهي سنڀالڻ ۽ 2027ع ۾ تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزباني جا منتظر آهيون. اهو علائقائي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اعتماد جو اظهار آهي. پاڪستان اقتصادي تعاون جي فروغ، علائقائي رابطن جي استحڪام ۽عوام جي وچ ۾ گڏيل مفاهمت کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لا عميل قدمن تي ٻڌل ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندو رهندو. پاڪستان ايس سي او جي ڪم ۾ ڀرپور ۽ فخر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. آڪٽوبر 2024ع ۾ اسلام آباد ۾ ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس جي ميزباني ڪئي وئي. هن وقت پاڪستان  2026 – 2025ع جي لاءِ ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهي پڻ ڪري رهيو آهي. غربت جي خاتمي بابت ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جي مستقل چيئرمين جي حيثيت سان اسان جو مقصد خطي جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ايشيائي رابطن جي لاءِ هڪ قدرتي پُل جي حيثيت رکي ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ايس سي او ملڪن جي وچ ۾ بين العلائقائي اقتصادي ۽ واپاري انضمام جو هڪ ڪامياب مثال آهي، اسان علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ ايس سي او جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏيندڙ هڪ پهرين صف جي ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جهڙين “ٽن براين” جي خلاف ايس سي او جي گڏيل ۽ تعاون تي ٻڌل فريم ورڪ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. سلامتي کانسواءِ اقتصادي ترقي جي لاءِ تنظيم جون ڪوششون هڪ مضبوط ۽ پائيدار علائقائي معيشت جو بنياد رکي رهي آهي. ڊيجيٽل جدت، توانائي جي تحفظ بابت منصوبن ۽ قومي ڪرنسين ۾ گڏيل ادائيگين جي فروغ جي لاءِ ايس سي او جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان علائقائي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، غذائي تحفظ، موسمياتي استحڪام، عوامي صحت، تعليم، ڊيجيٽل جدت ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان هڪ اهڙي خوشحال مستقبل جو تصور رکون ٿا جيڪو سماجي هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم ٿئي. اچو گڏجي پنهنجي خطي کي امن، هم آهنگي ۽ گڏيل خوشحالي جو مرڪز بڻايون ته جيئن ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل يقيني بڻائي سگهجي.