اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته آمريڪا ايران امن معاهدو پاڪستان لاءِ اهم ۽ تاريخي سفارتي ڪاميابي آهي، آمريڪا خطي ۾ امن لاءِ تمام وڏو قدم کنيو آهي، نار ملڪ امن لاءِ سونهري موقعي مان فائدو کڻن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آمريڪا ايران امن معاهدي تي ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان تاريخ ساز گهڙين مان …
امريڪا ۽ ايران امن معاهدو پاڪستان لاءِ اهم ۽ تاريخي سفارتي ڪاميابي آهي: دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته آمريڪا ايران امن معاهدو پاڪستان لاءِ اهم ۽ تاريخي سفارتي ڪاميابي آهي، آمريڪا خطي ۾ امن لاءِ تمام وڏو قدم کنيو آهي، نار ملڪ امن لاءِ سونهري موقعي مان فائدو کڻن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آمريڪا ايران امن معاهدي تي ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان تاريخ ساز گهڙين مان گذريو آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان ۽ پاڪستان جي قيادت جنهن تحمل، بردباري ۽ دانشمندي سان ان معاملي کي حل ڪيو آهي اهو 75 سالن جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته ايراني ڀائرن جهڙي طرح نازڪ وقت ۾ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو اهو انتهائي دٻاءَ ۾ ۽ انتهائي نازڪ دور ۾ جهڙي طرح انهن جي قيادت ايراني قوم جي قيادت ڪئي ۽ جهڙي طرح ايراني قوم اتحاد جو مظاهرو ڪيو آهي اهو تعريف لائق آهي ۽ الله تعاليٰ اڄ انهن تي پنهنجو ڪرم ۽ فضل ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مسلمان امت اهڙي طرح اتحاد جو مظاهرو ڪري ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن فلسطين جو مسئلو به حل ٿيندو ۽ غزه جي مسلمانن کي به انصاف ملي ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اعزاز بخشيو آهي، پاڪستان سفارتي محاذ تي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان امن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، جنهن جو ثمر الله تعاليٰ ڏنو آهي، اڄ کان هڪ سال اڳ اسان هڪ ٻي جنگ وڙهي هئي، الله تعاليٰ ان ۾ به فتح نصيب ڪئي ۽ ان جنگ ۾ به اسان جي فوج اسان جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو. ٿوري وقت ۾ ٻن وڏين ڪاميابين تي پوري قوم کي گهرجي ته الله تعاليٰ آڏو سجدا ڪري ۽ شڪر ادا ڪري. دفاع واري وزير چيو ته انهن ٻن وڏين ڪاميابين جيئان اتفاق ۽ اتحاد سان دهشتگردي ۽ معاشي محاذ تي جنگين ۾ به اسان سوڀ ماڻينداسين. دهشتگردي خلاف جنگ اسان سڀني جي گڏيل جنگ آهي. هن چيو ته هو آمريڪي قيادت جو به ٿورو ادا ڪرڻ گهري ٿو، آمريڪا هن خطي ۾ امن لاءِ تمام وڏو قدم کنيو آهي ۽ ايران سان جيڪي ناانصافيون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿي رهيون هيون انهن کي مڃي ٿو ۽ معاهدي ۾ انهن جي نشاندهي به ڪئي آهي. دفاع واري وزير چيو ته نار ملڪن کي پڻ اپيل آهي ته انهن لاءِ به هي سونهري موقعو آهي ته اتحاد ۽ امن جي ان گهڙي مان فائدو کڻن، پنهنجي قوم ۽ مسلم امت کي گڏ ڪن ۽ غزه، ڪشمير، لبنان ۽ جتي جتي به مسلمانن کي مسئلا درپيش آهن انهن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.










