اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري آمريڪا-ايران امن معاهدي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي، ته امن معاهدو سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام جي هڪ وڏي سوڀ آهي، ڇڪتاڻ جي پرامن حل لاءِ مسلسل جدوجهد تي پاڪستان کي ڀرپور ڪريڊٽ ملڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف …
آمريڪا- ايران امن معاهدو سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام جي وڏي سوڀ آهي، سموري دنيا ان جي آجيان ڪري رهي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري آمريڪا-ايران امن معاهدي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي، ته امن معاهدو سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام جي هڪ وڏي سوڀ آهي، ڇڪتاڻ جي پرامن حل لاءِ مسلسل جدوجهد تي پاڪستان کي ڀرپور ڪريڊٽ ملڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي فعال سفارتڪاري ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اسٽريٽجڪ بصيرت ۽ گهرو وزير محسن نقوي جي مسلسل ڪوششن آمريڪا ۽ يران امن معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو وقار بلند ڪيو آهي جنهن سان علائقائي استحڪام کي سگهه ملي آهي. هن چيو ته پاڪستاني قيادت دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي، ته پاڪستان امن جو گهرجائو، استحڪام جو ضامن ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکندڙ ملڪ آهي، پوري پاڪستاني قوم پنهنجي قيادت تي فخر ڪري ٿي جنهن قومي مفادن جو تحفظ ڪندي عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو رڳو پاڪستان جي ئي نه پر امن، ڳالهين ۽ انسانيت جي فتح آهي، پوري دنيا ان بريڪ ٿرو جي آجيان ڪري رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان لاءِ اها ڳالهه فخر لائق آهي ته پاڪستان امن ۽ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ مضبوط، محفوظ ۽ مستحڪم خطي جو ضامن آهي.










