اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جا هاڪاري اثر خطي ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪندا جڏهن ته پاڪستان جي علائقائي رابطاڪاري ۽ ترقي جي ويزن کي به سگهه ملندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان هميشه امن، استحڪام ۽ تعميري سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ …
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جا هاڪاري اثر خطي ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪندا: وفاقي وزير حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جا هاڪاري اثر خطي ۾ اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪندا جڏهن ته پاڪستان جي علائقائي رابطاڪاري ۽ ترقي جي ويزن کي به سگهه ملندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان هميشه امن، استحڪام ۽ تعميري سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ تڪرارن جي پرامن حل، گڏيل احترام ۽ ڳالهين جي اصولن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي جڏهن ته اقتصادي سرگرمين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ جي راهه به هموار ٿيندي. وفاقي وزير حنيف عباسي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي سفارتي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عالمي سطح تي سندن ڪوششن جو اعتراف تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت خطي ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ دانشمنداڻو ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن سان ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ ۽ سفارتي وقار کي وڌيڪ استحڪام مليو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به علائقائي استحڪام، امن ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار جاري رکندو ڇاڪاڻ ته ڳالهيون، افهام تفهيم ۽ تعاون ئي عالمي امن ۽ خوشحالي جو اثرائتو رستو آهن.










