ڪراچي پورٽ تي هڪ سال ۾ 2 هزار جهازن جي آمد، سامونڊي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ڪراچي پورٽ اٽڪل 8  سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ سال ۾ 2 هزار جهازن جي آمد جو سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي، جيڪو ملڪ ۾ سامونڊي واپار جي وڌندڙ سرگرمين ۽ عالمي واپار لاءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سامونڊي دروازي جي مضبوط هئڻ واري اهميت جو مظهر آهي. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ڪراچي پورٽ اٽڪل 8  سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ سال ۾ 2 هزار جهازن جي آمد جو سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي، جيڪو ملڪ ۾ سامونڊي واپار جي وڌندڙ سرگرمين ۽ عالمي واپار لاءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سامونڊي دروازي جي مضبوط هئڻ واري اهميت جو مظهر آهي. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2025ع کان 13 جون 2026ع تائين ڪراچي پورٽ تي مجموعي طور 2 هزار 3 جهاز لنگر انداز ٿيا جيڪي مالي سال 18-2017ع کان پوءِ پهريون ڀيرو 2 هزار جهازن جي حد کان وڌي ويا آهن. هن ٻڌايو ته ان عرصي دوران ڪراچي پورٽ تي آيل جهازن جو مجموعي گراس رجسٽرڊ ٽينج 8 ڪروڙ 44 لک 30 هزار ٽن  کان وڌي ويو، جيڪو بندرگاهه تي جاري وڏي پئماني جي سامونڊي سرگرمين جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير مطابق گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ جهازن جي آمد ۾ 7.5  سيڪڙو جڏهن ته گراس رجسٽرڊ ٽينج ۾ 3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ڪارگو جي چر پر ۽ سامونڊي ٽريفڪ ۾ مسلسل اوسر جو ثبوت آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي پاڪستان جي سامونڊي واپار ۾ تيزي سان وڌندڙ سرگرمين جي عڪاسي آهي  ۽ ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿي ته ڪراچي پورٽ ملڪ جي واپاري ۽ لاجسٽڪ نظام ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو جتي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جو وڏو حصو انجام ٿئي ٿو. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري مطابق ان ڪاميابي سان ڪراچي پورٽ جي حيثيت پاڪستان جي صف اول جي سامونڊي واپاري مرڪز طور وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ملڪي بندرگاهن ذريعي واپار ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي سان قومي ڪوششن کي سگهه ملندي.

مزید خبریں