اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير توشيميتسو موٽيگي ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ افهام ۽ تفهيم جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي استحڪام ۽ وسيع تر عالمي برادري جي لاءِ ان جي اهميت جو اعتراف ڪيو. جاپان جي پرڏيهي وزير …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفون تي رابطو

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جاپان جي پرڏيهي وزير توشيميتسو موٽيگي ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ افهام ۽ تفهيم جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي استحڪام ۽ وسيع تر عالمي برادري جي لاءِ ان جي اهميت جو اعتراف ڪيو. جاپان جي پرڏيهي وزير ان پوري عمل دوران پاڪستان جي مستقل ثالثي واري ڪردار ۽ لاڀائتين ڪوششن جي لاءِ جاپان پاران تمام گهڻي واکاڻ ۽ ساراهه جو اظهار ڪيو، جنهن حاصل ٿيندڙ نتيجن کي آسان بڻائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو تعاون ۽ باقاعده خيالن جي ڏي وٺ جاري رکي ويندي.











