اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ تي قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، بدين ضلعو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، سيڊا جون من مانيون جاري آهن، ان کي يا ته ختم …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو پاران سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ تي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ تي قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، بدين ضلعو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، سيڊا جون من مانيون جاري آهن، ان کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا بهتر ڪيو وڃي، آبپاشي جي عملدارن کي هتي گهرائي انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته اهي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڇو نه پيا وٺي سگهن، ارسا سنڌ جي ويساهه گهاتيءَ ڪري رهي آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي، ايل بي او ڊي جو معاملو ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهي ان جي ڪري هزارين ايڪڙ زمين بنجر ۽ سمنڊ حوالي ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ 27 – 2026ع تي جاري بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته اهو افسوس سان چوڻو پئجي ٿو ته هي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي اها صرف ڪاغذي بجيٽ آهي پر زميني حقيقتن سان ٺهڪندڙ نه آهي. هن چيو ته حڪومت معاشي استحڪام ۽ ترقي جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته عام ماڻهو اڄ به ٻن وقتن جي مانيءَ ۽ تعليم جي لاءِ ۽ دوائن ۽ علاج جي لاءِ دربدر ڦري رهيو آهي. هن چيو ته آئون معزز ناڻي واري وزير کي گذارش ڪندس ته هو مهرباني ڪري ماهوار 50 هزار رپين جي آمدني مان هڪ گهر جي بجيٽ ٺاهي ڏيکاري ۽ هن ايوان آڏو پيش ڪري ۽ ٻڌائي ته هڪ خاندان، بجلي، گئس، پيٽرول، تعليم ۽ روزاني جي ضرورتن جي شين جي بجيٽ ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو ۽ غريبن جو وقت ڪيئن ٿو گذري ۽ انهن جي چُلهه ڪيئن ٻري رهي آهي. هن چيو ته هتي ترقياتي منصوبن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، سکر – حيدرآباد موٽروي جي لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن پر اهي تمام گهٽ آهن، ان جي لاءِ 3 يا 4 سال نه پر گذريل بجيٽ ۾ ان حوالي سان واعدو ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته هن بجيٽ تائين اهو موٽروي مڪمل ٿي ويندو پر اڃا تائين اهو ناهي ٿيو. هن چيو ته منهنجو ضلعو بدين ملڪي تيل، گئس ۽ پيٽرول جي پيداوار ۾ اهم حصو وجهي رهيو آهي پر اڄ به اهو وفاقي ترقياتي منصوبن کان محروم آهي. هن چيو ته ان کانسواءِ بدين ضلعو معيشت ۾ تمام اهم حصو وجهي رهيو آهي پر ان جي باوجود ان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ اهو ناقابل قبول آهي ۽ سنڌ کي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ به ڪو بهتر حصو ناهي ڏنو ويو، پاڻي جي کوٽ، زرعي مسئلا ۽ ماحولياتي چئلينجز ۾ ورتل سنڌ کي هن بجيٽ ۾ اها اهميت ناهي ڏني وئي جيتري ان کي ڏيڻ گهرجي، سنڌ کي ان جو حق ڏيڻ گهرجي ڇو ته اها ان حق جي حقدار آهي. هن چيو ته ايل بي او ڊي جو مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون آهي، ناقص منصوبابندي جي ڪري ان منصوبي سان مسئلا وڌي رهيا آهن ۽ ان سان هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي ڪري شڪور ڍنڍ ۽ نريڙي ڍنڍ جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي جيڪو اڳ ۾ مٺو هوندو ۽ ان منصوبي جي ڊيزائن ۽ خرابين جي ڪري سمنڊ انهن ڍنڍ کي پائي ورتو آهي ۽ ان جو اڃا تائين ڪو به ازالو نه پيو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري ان کي روڪڻ جي لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان منصوبي جي ڪري هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ جي حوالي ٿي وئي آهي ۽ آبادگار پنهنجي زمين کان محروم ٿي ويا آهن. هن چيو ته آئون پنهنجي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري کي گلگت بلتستان چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هن ايوان ۾ گهڻن ماڻهن جو تعلق زراعت سان آهي ۽ هن وقت سارين جي مُند آهي ۽ اسان جو بدين ضلعو بلڪل آخر ۾ آهي ۽ اتي پاڻي نه پيو پهچي، جنهن جي ڪري اتي ماڻهن کان ويندي پکين ۽ جانورن تائين سڀ اُڃ ۾ مري رهيا آهن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻي جي ڪري اهي مري رهيا آهن، ان لاءِ سنڌ جي حصي جو پاڻي جيڪو اسان کين 50 کان 60 سيڪڙو گهٽ ملي رهيو آهي ۽ سنڌ جو پاڻي اپريل کان شروع ٿيندو آهي پر اهو اسان کي اپريل ۾ به ناهي مليو، مئي ۾ به ناهي مليو ۽ جون ۾ به ناهي مليو، اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪيڏانهن وڃون، اسان جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، اسان کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي. هن چيو ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي جا چيف آهن اهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۾ پورا آهن پر اهي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿا وٺي سگهن ۽ انهن کي هتي گهرايو وڃي، هڪ گڏجاڻي ڪرائي وڃي، سنڌ جي سيڊا تباهه ٿي وئي آهي ۽ سيڊا اسان جي علائقي جون زمينون بنجر ڪري ڇڏيون آهن. سيڊا جي ايم ڊي کي فون ڪريون ٿا ته هو چوي ٿو ته پاڻي نه آهي ته آئون پاڻي ڪٿان ڏيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي من ماني ڪندا رهندا آهن ان لاءِ مهرباني ڪري يا ته سيڊا کي ختم ڪيو وڃي يا اسان جيڪي پُڇڙ جا آبادگار آهيون جنهن ۾ بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان جا آبادگار شامل آهن انهن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ جڏهن پاڻي پُڇڙ ۾ اچي ٿو ته اهو سمنڊ کي پٺتي ڌڪي ٿو ۽ ڊيلٽا آباد ٿئي ٿو پر هاڻي ته ڊيلٽا ۾ به پاڻي نه پيو اچي، ارسا وارا پنهنجي من ماني ڪندي اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيا ڏين. هن چيو ته پاڻي اسان جو مستقبل آهي، اسان جي ٻارن جو مستقبل آهي. هن وقت ساريون پوکڻ جي مُند آهي پر اهي اڃا تائين پوکجي ناهن سگهيون، جون جي آخر ۽ جولاءِ ۾ برساتون اچي وينديون ته پوءِ آبادگار ڪيڏانهن ويندا ته پوءِ ڪڏهن سارين جي پوکيءَ ٿيندي. هن چيو ته زراعت جي معاملن کي ڏسڻ گهرجي، ڀاڻ جو اگهه گهٽ ڪيو وڃي ۽ آبادگارن تي رحم ڪيو وڃي، دوائن جي مٿان ٽيڪس آهن، انهن ٽيڪسن کي ختم ڪيو وڃي ۽ پاڻي جو مسئلو اسان جو پهريون مسئلو آهي ان کي هر صورت ۾ حل ڪيو وڃي نه ته آئون ڊائيس جي سامهون اچي بک هڙتال ڪندس ۽ آئون سڀني ميمبرن کي دعوت ڏيندس ته اهي اچي مون سان گڏ ويهن. هن چيو ته آئون فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪباد ڏيان ٿو جنهن سڄي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ کان بچايو آهي ۽ اسان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جا به ٿورائتا آهيون جنهن وڏي محنت ڪئي آهي ۽ ان کي به سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اسان جا جيڪي فوجي جوان شهيد ٿيا آهن آئون انهن کي به سلام پيش ڪريان ٿو.











