اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدي کي عالمي امن لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته هن تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب جمعي ڏينهن 19 جون تي جنيوا ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندي، هي صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ناهي، پر امن ۽ ڳالهين جي طاقت …
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو عالمي امن لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، هن تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب جمعي ڏينهن 19 جون تي جنيوا ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدي کي عالمي امن لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته هن تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب جمعي ڏينهن 19 جون تي جنيوا ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندي، هي صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ناهي، پر امن ۽ ڳالهين جي طاقت جي فتح ۽ سفارتڪاري جي ڪاميابي آهي. هن امن معاهدي جي نتيجي ۾، عالمي معاشي استحڪام جا ثمر پنهنجي گڏيل ڪوششن ۽ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي هر پاڪستاني تائين پهچائينداسين. هن جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران امن معاهدي طئه ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جي وڏي فضل ۽ ڪرم سان اڄ دنيا امن جي هڪ تاريخي سنگ ميل کي پار ڪيو آهي. جنگ جي ڪاري رات کانپوءِ الحمد الله امن جو سج اڀري چڪو آهي، ۽ ٽن مهينن ۽ سورهن ڏينهن جي وڏين آزمائشن کانپوءِ، آمريڪا ۽ ايران لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي ڪاررواين جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تاريخي امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب جمعي 19 جون تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندي. ان تقريب جي ميزباني پاڪستان ڪندو. هن چيو ته جنگ جي وڌندڙ شعلن شعلن کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي مخلصاڻين ڪوششن کي الله تعالي پنهنجي ڪمال مهرباني سان پذيرائي بخشي ۽ دنيا ۾ پاڪستان کي جيڪو عزت ۽ وقار عطا ڪيو آهي، قومون صدين تائين ان جي ڳولا ۾ هُونديُون آهن. اڄ الله تعاليٰ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام کي جيڪا عزت ڏني آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. هن پاڪستاني قوم ۽ پوري عالمي برادري کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آئُون قومي اسيمبلي جي ميمبرن (حڪومت ۽ مُخالف ڌُر) کي به مبارڪباد ڏيان ٿو. آئُون پنهنجي اڳواڻ محمد نواز شريف جو به ٿورائتو آهيان، جنهن جي رهنمائي مون کي هر وقت حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته آئُون صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي اڳواڻن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، جن جي ڀرپُور مدد مُون کي حاصل رهي. هن چيو ته هي صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ناهي، پر امن ۽ ڳالهين جي طاقت جي فتح آهي. هي جنگ جي تباهين جي مقابلي ۾ سفارتڪاري جي ڪاميابي آهي. هُن قومي اسيمبلي جي ڀرپُور تائيد سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايراني سپريم ليڊر سيد مجتبيٰ خامنه اي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ امن جي هِن عمل ۾ حصو وٺندڙ سندن ٽيمن جي سڀني ميمبرن کي مبارڪباد ڏني، جن تمام ڏکين حالتن ۾ پنهنجي دانشمندي، ڏاهپ ۽ صبر جو پاند نه ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هي عظيم ڏينهن نه رڳو پاڪستان لاءِ پر سڄي دنيا کي نصيب ٿيو آهي. هن چيو ته ڳالهين جي هِن مشڪل ۽ صبر واري عمل ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ڀرپُور تعاون تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جنهن تمام گهڻو مثبت ڪردار ادا ڪيو. هِن چيو ته آئُون سعودي ولي عهد محمد بن سليمان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جي دُور انديش قيادت ۽ ڀرپُور تعاون تي دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. وزيراعظم پاڪستان جي عظيم دوست، چين جي صدر شي جن پنگ جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪيا، جن امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم تعاون فراهم ڪيو ۽ پاڪستان سان ڀرپُور مشاورت ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح دُنيا جي گهڻن مُلڪن جا به هن تاريخي ڏينهن تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو ته سڀ گڏجي الله جي آڏو شُڪراني جا سجدا ڪريُون، جنهن پنهنجي ڪمال مهرباني سان اسان کي هي عظيم ڏينهن ڏيکاريو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي هن تاريخي ڏينهن تي، پاڪستان جي عظيم ۽ بهادر پٽ، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ منهنجي تقرير اڻپوري هوندي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اها ڳالهه منهنجي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته ڳالهين جي هن عمل دوران ڪيترائي لاها چاڙها آيا ۽ ائين لڳندو هو ته بس معاملو ختم ٿيڻ تي آهي پر پاڪستان جي هن عظيم پٽ همت نه هاري ۽ الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪندي مسلسل ڪوششون جاري رکيون، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات باضابطه طور تي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن خلوص، ثابت قدمي ۽ دانشمندي جو هي سفر جاري نه رهي ها ته شايد دنيا ۾ امن جو خواب ڀور ڀور ٿي وڃي ها ۽ نه ڄاڻ ته جنگ جا شعلا اڃان ڪيتري تباهي آڻين ها. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن مقصد لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي به دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني، جن ڏينهن رات پنهنجي محنت سان امن جي هِن عمل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپُور ڪردار ادا ڪيو. هن ڀائر مُلڪ ايران جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خدمتن کي به ساراهيو، جنهن ان دوران وڏي ذميواري سان اهم معاملا سرانجام ڏنا. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ، پرڏيهي معاملن واري وزارت سميت سڀني ادارن جا قابل آفيسر به واکاڻ جا مستحق آهن، جن پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن سان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، اهي سڀ پاڪستان جو فخر آهن. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن نه رڳو پاڪستان ۾ رهندڙن لاءِ پر دنيا ۾ رهندڙ هر پاڪستاني لاءِ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته هن جنگ جي تباهي آڻيندڙ اثرن سان پوري دنيا ۽ ان جي معيشت ڌُڏي وئي هُئي. پاڪستان جي معيشت تي به وڏو دٻاءُ آيو، جيڪو اڃان تائين جاري آهي، پر قوم وڏي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي حڪومت جو ساٿ ڏنو. اسان بروقت ۽ اڳواٽ فيصلن جي وسيلي پنهنجي قوم کي مهانگائي جي شدت کان هر ممڪن حد تائين بچائڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن به ڀرپُور تعاون ڪيو. وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي قيادت ۽ پوري پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ان امن معاهدي جي نتيجي ۾ عالمي معاشي استحڪام جا ثمر اسان جي گڏيل ڪوششن ۽ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي هر پاڪستاني تائين پهچائينداسين. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آخر ۾ ڪجهه شعر پيش ڪندي چيو ته آئُون سدائين اها ڳالهه چوندو هئس، جنهن کي الله تعاليٰ هڪ ڀيرو ٻيهر سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
’’جب اپنا قافلہ عزم و یقیں سے نکلے گا
جہاں سے چاہیں گے‘رَستہ وہیں سے نکلے گا
وطن کی مٹی‘ مجھے ایڑیاں رگڑنے دے
مجھے یقیں ہے‘ چشمہ یہیں سے نکلے گا‘‘
’’ہم نے آج جیتا ہے وہ امتحان
دنیا میں گونجتا ہے نام پاکستان
جب ہم پر کوئی حملہ کردے تو
دشمن کو دھول چٹاتے ہیں ہم
اور امن کی بات ہو تو
آگ میں پھول کھلاتے ہیں ہم ‘‘.










