آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي، معاهدي تي صحيحُون 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿينديُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي، ٻنهي ڌرين لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي آپريشن جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندي. سومر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾، …

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي، ٻنهي ڌرين لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي آپريشن جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندي. سومر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾، وزيراعظم چيو ته ڊگهين ۽ لاڀائتين ڳالهين کانپوءِ اسان کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي. ٻنهي ڌرين لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي آپريشن جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان تڪرار جي سفارتي حل لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي عزم کي ساراهيُون ٿا ۽ انه  اج ٿورا مڃيُون ٿا. اسان ثالثي جي ان عمل ۾ تعاون تي ڀائر ملڪ قطر جي قيادت جا پڻ دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن جي حمايت هن معاهدي تائين پهچڻ ۾ اهم ثابت ٿي. هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دور انديش قيادت جي قيمتي خدمتن ۽ نمايان ڪردار جا پُڻ خاص طور تي ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته معاهدي تي پهچڻ کانپوءِ، ثالث هن هفتي ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪندا. انهن شروعاتي ڳالهيون وسيلي فني سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ معاهدي تي باضابطه صحيحن جي تقريب جي لاءِ بنياد فراهم ٿيندو.

مزید خبریں