راولپنڊي- 15 جون (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو هڪ تربيتي جهاز معمول جي تربيتي اُڏام دوران مردان جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو. ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ پاڪ فضائيه جو فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جو ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي شهيد ٿي ويا. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽر پاران جانچ …
پاڪ فضائيه جو تربيتي جهاز مردان ويجهو حادثي جو شڪار، فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جو ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي شهيد

مزید خبریں
راولپنڊي- 15 جون (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو هڪ تربيتي جهاز معمول جي تربيتي اُڏام دوران مردان جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو. ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ پاڪ فضائيه جو فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جو ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي شهيد ٿي ويا. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽر پاران جانچ جي لاءِ هڪ بورڊ جوڙيو ويو آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، سروسز چيفس ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سڀني آفيسرن ۽ جوانن هن افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ شهيدن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.










