اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته حڪومت معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪندي عوام کي رليف تي ٻڌل بجيٽ ڏني آهي، پگهاردار طبقي، مزدور، هاري، ايڪسپورٽرز، عورتن ۽ وچولي طبقي سميت هر شعبي جي لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪئي وئي، مهانگائي سنگل ڊجيٽ تي اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو …
حڪومت رليف تي ٻڌل بجيٽ ڏني، مهانگائي سنگل ڊجيٽ تي اچي وئي آهي: وفاقي وزير عطالله تارڙ
اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته حڪومت معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪندي عوام کي رليف تي ٻڌل بجيٽ ڏني آهي، پگهاردار طبقي، مزدور، هاري، ايڪسپورٽرز، عورتن ۽ وچولي طبقي سميت هر شعبي جي لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪئي وئي، مهانگائي سنگل ڊجيٽ تي اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 17.2 ارب ڊالر جڏهن ته پورهيتن پاران پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 33.9 ارب ڊالرن جي سطح تي پهچي چڪو آهي. آءِ ٽي روانگي واپار 3.8 ارب ڊالرن تائين وڃي پهتو، جنهن ۾ فري لانسرز جو 995 ملين ڊالرن جو حصو به شامل آهي، ايف بي آڙ سڌارا، فيس ليس اپريزل نظام، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ، هائوسنگ سيڪٽر، ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ، سماجي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪس جي خاتمي جهڙا قدم حڪومت جي عوام دوست ويزن جي عڪاسي ڪن ٿا. ماضي ۾ ملڪ جي ڊفالٽ ٿيڻ جا شرط لڳايا ويندا هئا، محمد شهباز شريف رياست جي بقا لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، تاريخ ان قدم کي ياد رکندي، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف نعرو لڳايو ته رياست کي بچائيندس، مون کي سياست جي ڪا پرواهه ناهي، مسلم ليگ (ن) مشڪل معاشي حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، اسان جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي، پوري دنيا وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهي رهي آهي جڏهن ته پاڪستان معاشي استحڪام کان پوءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين منزل طرف وڌي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اسان جڏهن مخالف ڌر جي بئنچن تي هئاسين تڏهن به ميثاق معيشت ۽ ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪئي، اڄ حڪومت ۾ هئڻ باوجود به اهو ئي موقف برقرار آهي. هن چيو ته هي ايوان جمهوري روايتن جو امين آهي ۽ هميشه انهن روايتن کي هٿي ڏني آهي. هن چيو ته ڪالهه مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير دوران ماحول ڌيان ڏيڻ جهڙو هو، احتجاج مخالف ڌر جو جمهوري حق اهي ۽ هر دور ۾ مخالف ڌر پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، وقت هڪجهڙو نٿو رهي، سيٽون بدلجنديون رهنديون آهن پر اصل فرق روين ۽ نيت جو هوندو آهي، جڏهن اسان مخالف ڌر ۾ هئاسين ته ان وقت به ڳالهين جي آڇ ڪئي ويندي هئي ۽ اڄ حڪومت هئڻ باوجود به اها آڇ ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته جمهوري عمل ۾ ڳالهيون ئي اڳيان وڌندڙ جو رستو آهن. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي نه صرف ملڪي پر عالمي سطح تي به پذيرائي ڪئي پئي وڃي، معاشي تجزيه ڪار هن بجيٽ تي مثبت ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪجهه مخالف ڌر جي ميمبرن طرفان به مثبت تجويزون سامهون آيون جن کي ساراهڻ گهرجي. هن چيو ته تنقيد ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي جڏهن ته مثبت قدمن جي ساراهه ضرورٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ هڪ سياسي پارٽي جي سربراه جا بيان رڪارڊ تي موجود آهن ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪو به سيڙپڪاري نه ڪري، هن ملڪ جي ڏيوالو ٿيڻ جون شرطون لڳي رهيون هيون پر الله تعاليٰ کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو، جڏهن ملڪ جي معيشت کي ڪو به هٿ لڳائڻ لاءِ تيار نه هو، اهڙي وقت ۾ شهباز شرف همت ڪئي ۽ حوصلو پڪڙيو، رياست جي بقا لاءِ پنهنجي سياست قرباني ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نعرو لڳايو ته مان رياست کي بچائيندس مون کي سياست جي پرواهه ناهي، هي اهو وقت هو جڏهن پيرس اندر هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيا، جيڪڏهن شهباز شريف اها ڪوشش نه ڪري ها ۽ آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نه وڃي ها ته اڄ هي خوشحالي ممڪن نه هجي ها. ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ معاشي اهڃاڻ واضح بهتري ڏيکاري رهيا آهن، ان وقت ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح غير مستحڪم هئي، ڪاروباري طبقو ڏکيائين جو شڪار هو، ايل سيز نه کلي رهيون هيون ۽ روانگي واپار جون سرگرميون متاثر هيون. مهانگائي 38 سيڪڙو ۽ وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته هن ايوان ۾ بيهي ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي. ڪاش ان وقت اوهان ميثاق معيشت جي ڳالهه مڃو ها، پر ان وقت سندس آڇ کي قبول نه ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اسان جي يادداشت تمام مختصر آهي، اسان اڄ جي ڳالهه ڪيون ٿا پر ماضي جي ڪا به ڳالهه نٿا ڪيون، هي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته انهن ماڻهن آءِ ايم ايف کي خط لکيا، ۽ چاهيو پئي ته ملڪ ڏيوالو ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن معيشت لاءِ سٺو ڪم ڪيو ته اسان ان جي تعريف ڪنداسين پر اها گوارا ناهي ته اسان پنهنجي سياست خاطر پاڪستان خلاف سازشون ڪيون. هن چيو ته انهن ماڻهن پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف کي خط لکيا ۽ ان تي بيانيو ٺاهيو، پوري مهم هلائي وئي، تاريخ ۾ ان کي هميشه ياد رکيو ويندو ته هڪ طرف وزيارعظم پيرس ۾ ميٽنگ ڪري معاملا جوڙي رهيو هو ته ٻئي طرف هتان خط لکيا پئي ويا ته پاڪستان کي بيل آئوٽ پئڪيج نه ملي. وفاقي وزير چيو ته موجوده معاشي استحڪام ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي ان ۾ ادارن جي محنت شامل آهي، ان ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ان جي ٽيم جو به ڀرپور حصو آهي، وفاقي وزير چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي انگ اکرن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. جي ڊي پي گروٿ جيڪو ان وقت 0.2 سيڪڙو هئي هاڻي 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. في ڪس آمدني 1751 ڊالر کان وڌيڪ 1901 ڊالر ٿي وئي آهي. عطالله تارڙ چيو ته جيڪڏهن حڪومت معاشي استحڪام نه ڏنو هجي ها ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊجيٽ ۾ نه اچي ها، اهڙي طرح وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي نه اچي ها. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 17.2 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا آهن جڏهن ته پورهيتن پاران پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 33.9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ هر سال 9 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار 3.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ فري لانسرز جو 995 ملين ڊالر جو حصو پڻ شامل آهي. مالي خسارو جيڪو 2022ع ۾ 8 سيڪڙو هو، هاڻي 0.7 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته مجموعي طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ٿيو آهي ۽ دنيا ان کي تسليم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارا وزيراعظم شهباز شريف جي هوم گرون ايجنڊا جو اهم حصو آهن جنهن ۾ اسٽرڪچرل ريفارمز شامل آهن. هن چيو ته هن ايوان ۾ هوچئلينج ڪري ٿو ته ڪو به ڪسٽمز يا انڪم ٽيڪس آفيسر جي سفارش ڪري ڏيکاري، ماضي جي ابتڙ هاڻي سفارش ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن سفارش ڪئي وڃي ٿي ته شام تائين اهو ماڻهو معطل هوندو آهي. هن چيو ته ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ شفاف رپورٽنگ ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ٽيڪس ڪيسن جي نظام ۾ ڪيسز کي ڊيگهه ڏني ويندي هئي، اسٽي آرڊرز ذريعي روينيو کي روڪيو ويندو هو، جڏهن ته موجوده حڪومت ان نظام ۾ سڌارن ذريعي شفافيت کي هٿي ڏني. وزيراعظم ميرٽ تي ٽربيونل بڻايا. وفاقي وزير چيو ته سٺا ۽ خراب ماڻهو هر هنڌ هوندا آهن، هاڻي ٽربيونل بڻايا ويا آهن جن جا چيئرمين ميرٽ تي مقرر ٿيا آهن، وڪيلن کي ميرٽ تي ورتو ويو آهي ۽ اربين روپين جي رڪوري ڪئي وئي. عطالله تارڙ چيو ته شگر، ٽوبيڪو، سيمنٽ، بيوريجز جهڙيون ڪجهه اهم انڊسٽريون اهڙيون آهن جيڪي جيترو مرضي منافعو ڪمائين پر کانئن ڪو پڇڻ وارو نه هو. صرف شوگر انڊسٽري کان 60 ارب روپيا رڪور ڪيا ويا. وزيراعظم جي خاص ڪوششن سان انڊسٽريز ۾ ٽيڪنالاجي بيس مانيٽرنگ سسٽم لڳايا ويا، مانيٽرنگ کي موثر بڻايو ويو، ايماندار ماڻهو لڳايا ويا، گذريل سال وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ پوري فنانس ٽيم ڀرپور محنت ڪئي، ناڻي واري وزير، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ان جي پوري ٽيم ان ۾ تمام متحرڪ رهي، انفورسمينٽ جي مد ۾ 800 ارب روپيا جمع ڪيا ويا جنهن سان وڌيڪ گنجائش پيدا ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر جڏهن حڪومت ۾ هئي ته هو سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، اهو ڪم اهي ماڻهو به ڪري سگهيا ٿي. وفاقي وزير چيو ته بندرگاهن تي ڪسٽم ڪليئرنس ۾ ڪيترائي مهينا لڳندا هئا، هاڻي اتي فيس ليس اپريزل سسٽم لڳايو ويو آهي ۽ هاڻي ايف بي آر اهو سسٽم پوري ملڪ اندر لڳائڻ وڃي رهي آهي، جتي ٽيڪس ڏيندڙن جو ٽيڪس جمع ڪندڙن سان آمهون سامهون رابطو نه ٿيندو. هي آءِ ٽي بيس سسٽم تحت فيس ليس سسٽم آهي ته جيئن ڪنهن قسم جي ليڪيج نه ٿي سگهي. هن چيو ته ايف بي آر جي سڌارن تحت ايترو وڏو رليف قوم کي ڏنو ويو آهي، ان جا اثر سمورن شهرين تائين ويندا. هاڻي ٽيڪس نه ادا ڪندڙن جو بار ٽيڪس ڏيندڙ نه کڻي سگهندا. ملڪ ۾ منصفاڻو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي ريٽيلرز جي حوالي سان خصوصي ٽاڪس ڏنو ڇاڪاڻ ته 36 لک ريٽيلرز ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر هئا جڏهن ته انهن جي پنهنجي درخواست به هئي ته کين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شفاف طريقيڪار ذريعي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن لاءِ منصفاڻو ٽيڪس نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ريٽيلرز مقرره ٽيڪس ادا ڪندا ۽ کين ان جو باقاعده سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا جيڪي هو پنهنجي دڪانن تي لڳائيندا. وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر سڌارن جي نتيجي ۾ اداري ۾ شفافيت ۾ واڌارو ٿيو آهي، سٺن آفيسرن جي مقرري ٿي آهي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي هٿي ملي آهي. هن چيو ته ملينڊا گيٽس فائونڊيشن به ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن کي فري آف ڪاسٽ فنڊ ڪيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته عالمي ادارا پاڪستان ۾ سڌارن جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت مختلف عالمي حصيدارن سان پاڪستان جي نظام جي بهتري لاءِ تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هاڻوڪي چين جي دوري دوران علي بابا سان موقعي تي ئي معاهده طي ٿيا جنهن کي پوري دنيا ڏٺو ۽ علي بابا جي چيئرمين به شهباز اسپيڊ جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير واضح ڪيو ته حڪومت پگهاردار طبقي کي نمايان رليف فراهم ڪيو آهي جنهن تحت 50 هزار روپيا ماهوار آمدني تي ڪو به ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو، جڏهن ته 50 هزار کان هڪ لک آمدني تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي. ڇهه لکن کان وڌيڪ آمدني وارن لاءِ پروفيشنلز جي حوالي سان به انهن جي مطالبن کي نظر ۾ر کندي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته وچولي طبقي جو هڪ وڏو مسئلو ننڍا گهر ۽ زمينن جي وڪري ۽ خريد تي ٽيڪس بابت هو، خاص طور تي پنج مرله ۽ ڏوهه مرله گهرن يا پلاٽن جي ڏيتي ليتي ۾ ماڻهن کي مشڪلاتون سامهون هيون. وفاقي وزير چيو ته حڪومت هائوسنگ ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر جي بجيٽ ۾ خصوصي رليف فراهم ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس لاءِ ننڍي پئماني تي ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي ٽيڪس جي بار ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ته جيئن هائوسنگ سيڪٽر کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. عطالله تارڙ چيو ته هائوسنگ ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر کي وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن تحت جيڪو رليف مليو آهي ان سان اٽڪل 12 صنعتي شعبا واڳيل آهن جن ۾ سيمينٽ، سريو ۽ ٻيون لاڳاپيل صنعتون شامل آهن. هن چيو ته پنهنجو گهر اسڪيم تحت محروم طبقي کي هڪ ڪروڙ روپين تائين قرض فراهم ڪيا پيا وڃن جنهن لاءِ 90 ارب روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 11 ارب روپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن ۽ هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ ان ۾ وڌيڪ گنجائش رکي وئي آهي. هن چيو ته هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ واڌ سان نه رڳو معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيندو پر روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا، جڏهن ته گهٽ آمدني ۽ محروم طبقي کي سستن گهرن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. هن چيو ته پنهنجو گهر پروگرام تحت نائب قاصد، ڊرائيور، مزدور، هاري ۽ فيڪٽري ورڪرز سميت مختلف طبقن کي رهائشي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪي مڊل ڪلاس ۽ هيٺين طبقي لاءِ هڪ وڏو رليف آهي. وفاقي وزير چيو ته ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ جي ماڊل تحت روانگي واپار ۾ واڌ سان صرف ايڪسپورٽرز ئي نه پر پوري معيشت فائدي ۾ ويندي ڇاڪاڻ ته ان سان صنعتي پيداوار، فيڪٽرين جي واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ايڪسپورٽرز جي پراڻي خواهش هئي ته ايڊوانس ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي جنهن تي حڪومت قدم کنيا. هن چيو ته پهرين اها تجويز ڏني وئئي ئي ته 50 ڪروڙ روپين تائين روانگي واپار ڪندرن لاءِ سپر ٽيڪس ختم ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تي سمورن ايڪسپورٽرز لاءِ سپر ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، جيڪو روانگي واپار واري شعبي لاءِ هڪ وڏو رليف آهي. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ ۾ فيصلا ڊگهي مشاورت کان پوءِ ڪيا ويا، جنهن ۾ صنعتڪارن، چيمبرز، آءِ ٽي سيڪٽرز ۽ زرعي شعبي سان ڌار ڌار مشورا شامل آهن. هن چيو ته زرعي شعبي لاءِ نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جا قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته زرعي اوزارن جي درآمد ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح شپنگ سروسز تي سيلز ٽيڪس کي 18 سيڪڙو کان گهٽائي زيرو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي بجيٽ هر طبقي جي بجيٽ آهي، جنهن ۾ عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪس جو خاتمو ڪيو ويو آهي. سينيٽري ۽ هائيجين پروڊڪٽس تي لاڳو 18 سيڪڙو ٽيڪس به ختم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيوته هي رليف تي ٻڌل بجيٽ آهي جيڪا اهڙي دور جي شروعات آهي جنهن ۾ معيشت ترقي جي راهه تي گامزن ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ٻن سالن کان مسلسل ان ڳالهه تي زور ڀري رهيو هو ته جيتري به مالي گنجائش پيدا ٿيندي عوام کي اوترو رليف ڏنو ويندو ۽ اڄ اهو وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان جي عوام کي رليف تي ٻڌل بجيٽ ڏني وئي آهي، هر طبقي کي ان اندر گنجائش پيدا ڪري ان جي گهرج کي پورو ڪيو ويو آهي. هي هڪ اهڙي گروٿ جي شروعات آهي جنهن سان پاڪستان هڪ اهڙي اڪانامي بڻجندو جو پوري دنيا ڏسندي. هن چيو ته اسان کي ملڪ جي عزت ۽ وقار کي مٿانهون رکڻ گهرجي. پاڪستان جي فخر ۾ پنهنجو فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ٿي رهي آهي ۽ پوري دنيا ان ڳالهه کي مڃي رهي آهي ته پاڪستان امن جي قيام ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ عالمي برادري ان ڳالهه جي تعريف ڪري رهي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن جي نتيجي ۾ نه رڳو خطي ۾ امن کي هٿي ملي پر ان جا هاڪاري اثر عالمي معيشت تائين پهچي ويا آهن. هن چيو ته هي سموري اڳڀرائي هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن ۾ ايس آءِ ايف سي سميت مختلف ادارن جو اهم ڪردار شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف ان معاشي ٽيم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ مختلف محاذن تي مربوط حڪمت عملي تحت ڪم ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ هڪ اهڙي هنڌ تي بيٺل آهي جتي سائي پاسپورٽ کي ٻيهر عزت حاصل ٿي رهي آهي ۽ ملڪ معاشي استحڪام کان پوءِ هاڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي.











