اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل مفاهمت طرف ٿيندڙ اڳڀرائي به شامل هئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن اميد …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊارجي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل مفاهمت طرف ٿيندڙ اڳڀرائي به شامل هئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته اها هاڪاري اڳڀرائي خطي ۾ جٽادار امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











