سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ ٽن وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، سکر-حيدرآباد موٽر وي (ايم-6) تي نئين سر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو منصوبو ٽن کان چئن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو: احسن اقبال

اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ ٽن وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي،سکر-حيدرآباد موٽر وي (ايم-6) تي نئين سر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو اهم موٽر وي منصوبو ايندڙ ٽن کان چئن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن پاران اٿاريل نقطي جو جواب ڏيندي مواصلاتي …

اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ ٽن وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي،سکر-حيدرآباد موٽر وي (ايم-6) تي نئين سر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو اهم موٽر وي منصوبو ايندڙ ٽن کان چئن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن پاران اٿاريل نقطي جو جواب ڏيندي مواصلاتي منصوبن تي ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي (ايم-6) جو پراڻو معاهدو اڻٽر سببن جي ڪري رد ڪيو ويو هو، پر هاڻي حڪومت ان تي نئين سر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي اهم موٽر وي منصوبو ايندڙ ٽن کان چئن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو، جنهن سان سڄي سنڌ ۾ سفر انتهائي آسان ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڳنڍيندڙ موجوده ايم-9 موٽر وي جي نئين الائنمينٽ تي پڻ ڪم شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌندڙ ٽرئفڪ جي دٻاءُ کي بهتر ڪري سگهجي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ميمبر پاران اٿاريل نقطي جو جواب ڏيندي، وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ صوبي ۾ مواصلاتي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. ڪراچي لاءِ سڀ کان اهم پاڻي منصوبي ‘ڪي-فور جي حوالي سان اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت 150 ارب رپين جي وڏي لاڳت سان هن منصوبي کي اڳتي وڌائي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته واپڊا وفاق کي يقين ڏياريو آهي ته ڊسمبر 2026ع تائين ڪراچي ۾ مقرر ڪيل جاءِ تائين پاڻي پهچايو ويندو. هن مرحلي کانپوءِ پاڻي جي وڌيڪ فراهمي ۽ ورڇ واري نيٽ ورڪ کي مڪمل ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري هوندي.