اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن چيو آهي، ته درياهن تي آبي ذخيرا ٺاهي ڀارت اسان جي حصي جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، بجيٽ ۾ آبي ذخيرن لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪيو وڃي، ڏکڻ پنجاب جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ الڳ صوبو ڏنو وڃي، پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪيو وڃي. آچر تي قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو …
درياهن تي آبي ذخيرا ٺاهي ڀارت اسان جي حصي جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي: ايم اين ايز

مزید خبریں
اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن چيو آهي، ته درياهن تي آبي ذخيرا ٺاهي ڀارت اسان جي حصي جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، بجيٽ ۾ آبي ذخيرن لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪيو وڃي، ڏکڻ پنجاب جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ الڳ صوبو ڏنو وڃي، پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪيو وڃي. آچر تي قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي شرميلا فاروقي چيو ته بجيٽ ۾ اشرافيه کي رليف ڏنو ويو آهي، بزنس ڪلاس ۽ ڊيبٽ ڪارڊ تي فائدو عام ماڻهو کي نه ٿيندو، هلندڙ مالي سال ۾ 850 ارب روپين جو ٽيڪس پگهاردار طبقي کان گڏ ڪيو ويو، ٿرڊ شيڊول کي سگهه ڏيڻ سان 21 ڪيٽگريز وڌايون ويون آهن، انهن ۾ روزمره جي استعمال جون شيون شامل آهن. هن چيو ته 8483 روپيا ڪمائيندڙ جي تعريف ڪئي وئي آهي ته هو غريب ناهي، ان تي نظرثاني ڪئي وڃي. مخالف ڌر جي ميمبر عامر ڊوگر چيو ته پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪيو وڃي، داسو، مهمند، ڀاشا ڊيم لاءِ رکيل فنڊ ناڪافي آهن، اسان جو دشمن ڀارت اسان جي درياهن تي آبي ذخيرا ٺاهي رهيو آهي. صنعت جي بندش سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سياسي استحڪام ۽ امن امان سان معاشي استحڪام ايندو آهي، سيڙپڪاري ٿيندي آهي، زراعت جي ترقي لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. ڏکڻ پنجاب جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ انهن کي الڳ صوبو ڏنو وڃي. ملتان سکر موٽر وي ٺهي رهيو آهي، اهڙي طرح سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ هن بجيٽ ۾ پيسا رکيا ويا آهن، ان کي جلد شروع ڪيو وڃي. ملتان بهاولپور ڊبل روڊ منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو، ملتان کان ڊيره غازي خان ۽ ايم ايم منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.











