اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) چوپائي مال جي شعبي (لائيو اسٽاڪ) ۾ اهم ڪاميابي تحت روسي ويڪسين جي فراهمي بحال ٿي چڪي آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سهولتڪاري سان لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي ۽ عالمي سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چوپائي مال ۾ منهن ۽ کر جي بيمارين سبب لکين جانور متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ چوپائي مال جي پيداوار ۽ …
چوپائي مال جي شعبي ۾ اهم ڪاميابي، روسي ويڪسين جي فراهمي بحال

مزید خبریں
اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) چوپائي مال جي شعبي (لائيو اسٽاڪ) ۾ اهم ڪاميابي تحت روسي ويڪسين جي فراهمي بحال ٿي چڪي آهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سهولتڪاري سان لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي ۽ عالمي سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چوپائي مال ۾ منهن ۽ کر جي بيمارين سبب لکين جانور متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ چوپائي مال جي پيداوار ۽ روانگي واپار کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. گذريل ٽن سالن دوران ان بيماري سبب اٽڪل 2،100 ڪيس رپورٽ ٿيا. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان روسي فٽ اينڊ مائوٿ ڊيزيز ويڪسين جي فراهمي بابت اهم مسئلو ڪاميابي سان حل ڪيو ويو آهي. روس جي واپاري نمائندي ڊينس اي نيو زوروف سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطا ڪاري تي ايس آءِ ايف سي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ان قدم سان چوپايو مال پاليندڙن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ بيمارين کان بچاءَ جو نظام بهتر ٿيندو. بهتر ويڪسين جي فراهمي سان لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، معيار ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ان قدم سان پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي، روانگي واپار جي موقعن ۽ پاڪستان-روس سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. ايس آءِ ايف سي جي عملي قدمن سان پاڪستان جو لائيو اسٽاڪ شعبو جدت، پائيداري طرف گامزن ٿيندو.











