اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪامياب بجيٽ پيش ڪرڻ تي حڪومت جي مالياتي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پوري معاشي ٽيم انهي جذبي ۽ عزم سان ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، موجوده معاشي حالتن ۾ هڪ متوازن، عوام دوست ۽ ترقي تي ٻڌل بجيٽ جي تياري پوري ٽيم …
پوري معاشي ٽيم انهي جذبي ۽ عزم سان ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪامياب بجيٽ پيش ڪرڻ تي حڪومت جي مالياتي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پوري معاشي ٽيم انهي جذبي ۽ عزم سان ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، موجوده معاشي حالتن ۾ هڪ متوازن، عوام دوست ۽ ترقي تي ٻڌل بجيٽ جي تياري پوري ٽيم جي اڻٿڪ محنت، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ گڏيل تعاون جو نتيجو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بجيٽ جي تياري جي ڏس ۾ خاص طور تي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار سيد توقير شاهه، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، پلاننگ ڊويزن ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ماهرن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم قومي مفاد کي مٿانهون رکندي هڪ اهڙي بجيٽ جوڙي آهي جيڪا معاشي استحڪام، مالياتي نظم ۽ ضبط، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عوامي ڀلائي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پوري معاشي ٽيم انهي جذبي ۽ عزم سان ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.







