وسيع البنياد ۽ منصفاڻي ترقي حڪومت جو اصل عزم آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حقيقي اقتصادي ترقيءَ جو مطلب صرف انگن اکرن جو وڌڻ ناهي پر ان جو اصل فائدو عام ماڻهوءَ تائين پهچڻ آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ترقيءَ جو اصل مقصد هي آهي ته ان جا ثمر هر گهراڻي جي دسترخوان تائين، …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حقيقي اقتصادي ترقيءَ جو مطلب صرف انگن اکرن جو وڌڻ ناهي پر ان جو اصل فائدو عام ماڻهوءَ تائين پهچڻ آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ترقيءَ جو اصل مقصد هي آهي ته ان جا ثمر هر گهراڻي جي دسترخوان تائين، هر آبادگار جي ٻني تائين هر ڪاروبار جي ڪائونٽر تائين ۽ هر نوجوان جي روزگار تائين پهچي. موجوده حڪومت جو عزم صرف عارضي ترقي ناهي، پر هڪ وسيع البنياد، پائيدار ۽ـ منصفاڻي ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ آهي، جنهن جا ثمر ملڪ جي هر علائقي ۽ هر طبقي تائين هڪجهڙا پهچن ۽ هي بجيٽ ان ئي جامع ترقيءَ طرف هڪ سنجيده قدم آهي.