پي ايس ڊي پي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي رٿائن لاءِ 2 ارب 40 ڪروڙ رپيارکيا ويا

اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي پي ايس ڊي پي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي جاري ۽ نَون ترقياتي رٿائن لاءِ مجموعي طور تي 2 ارب 40 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن. دستاويزن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت جا 14 منصوبا شامل آهن جن جي مجموعي لاڳت 13 ارب 45 ڪروڙ 67 لک رپيا آهي. انهن ۾ 11 جاري …

اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي پي ايس ڊي پي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي جاري ۽ نَون ترقياتي رٿائن لاءِ مجموعي طور تي 2 ارب 40 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن. دستاويزن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت جا 14 منصوبا شامل آهن جن جي مجموعي لاڳت 13 ارب 45 ڪروڙ 67 لک رپيا آهي. انهن ۾ 11 جاري ۽ 3 نوان منصوبا شامل آهن. جاري رٿائن لاءِ مجموعي طور تي هڪ ارب 38 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. انهن رٿائن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني سهولت مرڪز جي قيام لاءِ 22 ڪروڙ 83 لک رپيا، سيڪٽر جي-1/10 اسلام آباد ۾ ڪيسن جي سهولت مرڪزن جي تعمير لاءِ 26 ڪروڙ 17 لک رپيا، سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري ڪوئيٽه لاءِ ڪيمپ آفيس جي تعمير لاءِ 22 ڪروڙ 66 لک رپيا ۽ وفاقي عدالتي نظام جي آٽوميشن لاءِ هڪ ڪروڙ 67 لک رپيا شامل آهن. اهڙيءَ طرح وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي قانوني ونگز کي مضبوط بنائڻ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن ۽ آرڪائيونگ لاءِ هڪ ڪروڙ 22 لک رپيا جڏهن ته پشاور ۾ وفاقي شرعي عدالت جي ڪيمپ آفيس جي تعمير لاءِ 3 ڪروڙ 91 لک رپيا رکيا ويا آهن. دستاويزن موجب ڪراچيءَ ۾ عدالتن ۽ ٽربيونلز جي تعمير جي رٿا لاءِ 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري ڪراچيءَ جي واڌ لاءِ 29 ڪروڙ 5 لک رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جا 3 نوان منصوبا پڻ شامل ڪيا ويا آهن جن لاءِ مجموعي طور تي هڪ ارب 2 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سرڪاري رهائشگاهن جي تعمير لاءِ 70 ڪروڙ 30 لک رپيا، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سرڪاري رهائشگاهه جي تعميري منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ۽ وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي رهائشگاهن جي تعمير لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. دستاويزن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت جي رٿائن تي 30 جون 2026ع تائين 59 ارب 91 ڪروڙ 24 لک 80 هزار رپيا خرچ ٿي چڪا آهن جڏهن ته انهن رٿائن تي وڌيڪ 73 ارب 54 ڪروڙ 22 لک رپيا خرچ ٿيڻ باقي آهن.