اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي مختلف رٿائن لاءِ 445 ملين رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي. جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي پهرين کان جاري 3 منصوبن ۾ پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ کي قومي ورثي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان آرڪيالوجي اينڊ ميوزيمز …
پي ايس ڊي پي تحت قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي مختلف رٿائن لاءِ 445 ملين رپين جو بجيٽ رکيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي مختلف رٿائن لاءِ 445 ملين رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي. جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي پهرين کان جاري 3 منصوبن ۾ پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ کي قومي ورثي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان آرڪيالوجي اينڊ ميوزيمز جي شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر جي قيام، مزارِ قائد تي ايوان نوادرات قائداعظم ۽ اسلام آباد ۾ نيشنل ڪلچرل هيريٽيج انسٽيٽيوٽ جي قيام جو منصوبو شامل آهي. انهن منصوبن تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 2668.986 ملين رپيا جڏهن ته 30 جون 2026ع تائين انهن رٿائن تي 59.740 ملين رپين جي خرچ جو امڪان آهي. پي ايس ڊي پي تحت ايندڙ مالي سال دوران قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي مختلف رٿائن لاءِ 445 ملين رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي.











