پاڪستان جلد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جو خواهشمند آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته جلد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جي ذريعي خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسلام آباد پيس ٽاڪس جي ذريعي 47 سالن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران کي هڪ ميز …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته جلد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جي ذريعي خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسلام آباد پيس ٽاڪس جي ذريعي 47 سالن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران کي هڪ ميز تي آندو، آمريڪا ۽ ايراني صدرن ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي بطور ثالث اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان گذريل ڪجهه مهينن دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ جيڪو فعال، متوازن ۽ ذميواراڻو سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي ان ۾ اسان کي پنهنجي عظيم ۽ آزمايل پاڙيسري ملڪ چين جي مڪمل حمايت ۽ هم آهنگي حاصل رهي آهي.