اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل سال مئي ۾ ڀارتي جارحيت جي خلاف آپريشن بُنيان مرصوص جي ڪاميابي کي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان جي منهن ٽوڙ جواب ڪجهه ئي ڪلاڪن …
ڀارتي جارحيت جي خلاف آپريشن بُنيان مرصوص جي ڪاميابي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل سال مئي ۾ ڀارتي جارحيت جي خلاف آپريشن بُنيان مرصوص جي ڪاميابي کي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان جي منهن ٽوڙ جواب ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ امن جي ڳالهه ڪرڻ تي دشمن کي مجبور ڪري ڇڏيو، اها ڪاميابي ڏهاڪن جي پيشيواراڻي تربيت ۽ تياري جو نتيجو هئي، اڄ دنيا پاڪستاني دفاعي قوت جي معترف آهي، ان جا فائبر جيٽ خريد ڪرڻ جي خواهشمند آهي جڏهن ته سعودي عرب سان گڏيل دفاعي معاهدو پڻ طئي ٿي چڪو آهي، اسان جي لاڳاپن ۾ اها اهم تبديلي اسان جي قيادت جنهن ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل شامل آهن، جي ڪري آهي.








