ڊيجيٽل معيشت پاڪستان جو سڀ کان تيزي سان وڌندڙ برآمدي شعبو آهي : سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب برآمدي شعبي جي لاءِ ريليف قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل معيشت پاڪستان جو سڀ کان تيزي سان وڌندڙ برآمدي شعبو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جو …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب برآمدي شعبي جي لاءِ ريليف قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل معيشت پاڪستان جو سڀ کان تيزي سان وڌندڙ برآمدي شعبو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27 – 2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جو شعبو ۽ اسان جا فري لانسرز، سافٽ ويئر هائوسز ۽ ڊيجيٽل ماهر اسان جو اثاثو آهن. هن چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار جي آمدني تي 0.25 سيڪڙو جي رعايت جيڪا 30 جون 2026ع تي ختم ٿيڻ واري هئي جڏهن ته وزيراعظم ان شعبي جي ترقي ۾ دلچسپي ۽ حڪومت جي محنت سان پيدا ڪيل مالي گنجائش جي ڪري ان رعايتي نظام کي وڌيڪ ٽن سالن جي لاءِ يعني 30 جون 2029ع تائين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ان قدم سان اسان جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو ۽ نوجوانن کي ان شعبي طرف راغب ٿيڻ جي تحريڪ ملندي.