اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي بحالي پاڪستان جي معيشت ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي اهميت جو شعبو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته جڏهن ڪنسٽرڪشن جو شعبو ترقي ڪري ٿو ته سيمنٽ، لوهه، شيشو، اسٽيل، پينٽس، …
تعميراتي شعبي جي بحالي پاڪستان جي معيشت ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي اهميت جو شعبو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي بحالي پاڪستان جي معيشت ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي اهميت جو شعبو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته جڏهن ڪنسٽرڪشن جو شعبو ترقي ڪري ٿو ته سيمنٽ، لوهه، شيشو، اسٽيل، پينٽس، ٽائيلز، هارڊ ويئر ۽ 40 کان وڌيڪ ٻيون صنعتون پڻ ترقي ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته جائيداد جي منتقلي تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس کي معقول بڻائيندي فائيلرز جي لاءِ خريداري تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 1.25 سيڪڙو ۽ وڪري تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2.75 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان قدم سان ڪنسٽرڪشن جون سرگرميون وڌنديون ۽ تعميرات جو شعبو ترقي ڪندو.







