اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت عوامي ڀلائي ۽ صحت جي سهولتن جي منصفاڻي فراهمي جي عزم تحت ڪينسر جي علاج جي لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جي خام مال تي ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ عورتن جي صحت بابت شين تان سمورا ٽيڪسز مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ڪينسر جهڙي موذي مرض جي …
ڪينسر جي دوائن جي 100 کان وڌيڪ خام مال تي ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ سينيٽري پيڊز تي سمورا ٽيڪسز مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي تجويز
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت عوامي ڀلائي ۽ صحت جي سهولتن جي منصفاڻي فراهمي جي عزم تحت ڪينسر جي علاج جي لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جي خام مال تي ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ عورتن جي صحت بابت شين تان سمورا ٽيڪسز مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ڪينسر جهڙي موذي مرض جي ڪري پاڪستاني خاندانن تي پوندڙ شديد مالي بار کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دوائن جي مقامي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ 100 کان وڌيڪ قسمن جي خام مال تي ڪسٽمز ڊيوٽي زيرو ڪئي پئي وڃي. هن عورتن جي صحت، وقار ۽ معاشرتي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سينيٽري پيڊز ۽ انهن جي تياري سان لاڳاپيل شين تان ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي جي شين تي لاڳو ٽيڪس پڻ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.








