اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) آمريڪا – ايران جنگي بحران دوران پاڪستان جي معيشت مستحڪم رهي ۽ ملڪ ۾ ٻارڻ جي ڪا کوٽ پيدا نه ٿي. جمعي ڏينهن بجيٽ اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي مضبوط معاشي قدمن جي ڪري پيٽرول پمپس تي قطارون لڳڻ ۽ امن امان جي مسئلن جهڙا خدشا سامهون نه آيا. هن چيو ته ان دوران …
آمريڪا – ايران جنگ دوران حڪومتي قدمن جي ڪري پاڪستان جي معيشت مستحڪم رهي، ٻارڻ جي ڪا کوٽ پيدا نه ٿي: سينيٽر محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) آمريڪا – ايران جنگي بحران دوران پاڪستان جي معيشت مستحڪم رهي ۽ ملڪ ۾ ٻارڻ جي ڪا کوٽ پيدا نه ٿي. جمعي ڏينهن بجيٽ اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي مضبوط معاشي قدمن جي ڪري پيٽرول پمپس تي قطارون لڳڻ ۽ امن امان جي مسئلن جهڙا خدشا سامهون نه آيا. هن چيو ته ان دوران عالمي ريٽنگ ايجنسي فِچ به پاڪستان جي ريٽنگ کي مستحڪم قرار ڏنو جنهن کي ملڪي معاشي استحڪام تي اعتماد جو اظهار قرار ڏنو پيو وڃي.







