فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن جي ڪري ٽن سالن ۾ ٽيڪس وصولي اٽڪل ٻيڻي ٿي وئي

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ جاري سڌارن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. جمعي ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته مالي سال 23 – 2022ع ۾ ايف بي آر جي سالياني ٽيڪس وصولي 7200 ارب رپيا هئي جيڪا مسلسل سڌاراجاتي قدمن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نگراني جي موثر نظام جي ڪري …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ جاري سڌارن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. جمعي ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٻڌايو ته مالي سال 23 – 2022ع ۾ ايف بي آر جي سالياني ٽيڪس وصولي 7200 ارب رپيا هئي جيڪا مسلسل سڌاراجاتي قدمن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نگراني جي موثر نظام جي ڪري موجوده مالي سال 26 – 2025ع جي پڄاڻي تائين 13000 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته اوڳاڙين ۾ اهو نمايان اضافو رڳو انگن اکرن جو فرق نه آهي پر ٽيڪس نظام ۾ هڪ بنيادي تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. ايف بي آر ۾ شفافيت، ٽيڪس نيٽ جي توسيع، اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري جي خلاف قدمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال روينيو وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.