پي ايس ڊي پي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن جي جاري ۽ نون منصوبن لاءِ 19580 ملين روپيا رکيا ويا

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 27-2026ع دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن جي جاري ۽ نون منصوبن لاءِ 19580 ملين روپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن جي جاري اسڪيمن اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ ڊولپمينٽ منصوبي لاءِ 6814 ملين …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 27-2026ع دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن جي جاري ۽ نون منصوبن لاءِ 19580 ملين روپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن جي جاري اسڪيمن اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ ڊولپمينٽ منصوبي لاءِ 6814 ملين روپيا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت جي بحالي لاءِ 1000 ملين، وزيراعظم جي آءِ ٽي اسٽارٽ اپس پروگرام لاءِ 3000 ملين روپيا جڏهن ته ٻن نون منصوبن لاءِ 285 ملين روپيا رکيا ويا آهن.