اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت فنانس ڊويزن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 1440 ملين روپين جو بجيٽ رکيو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب فنانس ڊويزن جي پهرين کان جاري 5 مختلف ترقياتي منصوبن ۾ آڊٽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم، پاڪستان منٽ جي جديد ڪاري ۽ اپ گريڊيشن، پاڪستان آڊٽ …
پي ايس ڊي پي تحت فنانس ڊويزن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 1440 ملين روپين جو بجيٽ رکيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت فنانس ڊويزن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 1440 ملين روپين جو بجيٽ رکيو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب فنانس ڊويزن جي پهرين کان جاري 5 مختلف ترقياتي منصوبن ۾ آڊٽ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم، پاڪستان منٽ جي جديد ڪاري ۽ اپ گريڊيشن، پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس اڪيڊمي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي آن لائن بلنگ سلوشن تي عملدرآمد ۽ وويمن انڪليو سيوفنانس جو منصوبو شامل آهي. انهن منصوبن تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 39377.151 ملين روپيا جڏهن ته 30 جون 2026ع تائين 34091.698 ملين روپين جا خرچ متوقع آهن. پي ايس ڊي پي تحت ايندڙ مالي سال دوران انهن مصنوبن لاءِ 1440 ملين روپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي.











