اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 760.950 ملين روپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن جي انگن اکرن موجب سيڙپڪاري بورڊ جي پهرين کان جاري 5 مختلف منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري- انڊسٽريل ڪوآپريشن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ (سي پيڪ – آءِ سي …
پي ايس ڊي پي تحت سيڙپڪاري بورڊ جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 760.950 ملين روپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 760.950 ملين روپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن جي انگن اکرن موجب سيڙپڪاري بورڊ جي پهرين کان جاري 5 مختلف منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري- انڊسٽريل ڪوآپريشن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ (سي پيڪ – آءِ سي ڊي پي) تحت پراجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جو قيام، سيڙپڪاري بورڊ ۾ ريگوليٽري سڌارا، ڊجيٽل اڪانومي انهانسمنت پراجيڪٽ سميت اسلام آباد جي خصوصي اقتصادي زون ۾ ون اسٽاپ سروس جي منصوبي سميت اسلام آباد ۾ ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ فزيبلٽي اسٽيڊي جي تياري ۽ زمين جي خريداري جا منصوبا شامل آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل منصوبن تي 30 جون 2026ع تائين امڪاني خرچن جو ڪاٿو 766.018 ملين روپيا آهي، جڏهن ته انهن منصوبن جي مجموعي لاڳت 5930.331 ملين روپيا آهي. ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي تحت سيڙپڪاري بورڊ جي پهرين کان جاري 5 مختلف منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 760.950 ملين روپيا رکيا ويا آهن.











