اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) مالي سال 27-2026ع لاءِ 3،675 ارب روپين جي قومي ترقياتي خرچن جي منظوري ڏني آهي جيڪو مالياتي دٻاءُ باوجود ترقياتي سرگرمين کي ترجيح ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو واضح اظهار آهي. منظور ٿيل ترقياتي خرچن ۾ وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 1000 ارب روپيا، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرامن (اي ڊي پيز) لاءِ …
ايندڙ مالي سال لاءِ 3،675 ارب روپين جي قومي ترقياتي خرچن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) مالي سال 27-2026ع لاءِ 3،675 ارب روپين جي قومي ترقياتي خرچن جي منظوري ڏني آهي جيڪو مالياتي دٻاءُ باوجود ترقياتي سرگرمين کي ترجيح ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو واضح اظهار آهي. منظور ٿيل ترقياتي خرچن ۾ وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 1000 ارب روپيا، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرامن (اي ڊي پيز) لاءِ 2224 ارب روپيا جڏهن ته سرڪاري ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) جي ترقياتي منصوبن لاءِ 451 ارب روپيا رکيا ويا آهن. حڪومت پي ايس ڊي پي 27-2026ع کي محدود مالي وسيلن ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط جي گهرجن موجب تربيت ڏنو آهي جڏهن ته ان ۾ اعليٰ ترجيحي ۽ قومي اهميت وارن منصوبن کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي. ترقياتي پروگرام کي 13 هين 5 سالا منصوبي ”اڏام پاڪستان“ ۽ فائيو ايز حڪمت عملي جي هدفن سان هم آهنگ بڻايو ويو آهي جن ۾ روانگي واپار، ڊجيٽل پاڪستان، ماحوليات، توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر، مساوات ۽ بااختياري شامل آهن. ترقياتي پروگرام تحت آءِ ٽي انفر اسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت، علائقائي رابطن، توانائي ۽ آبي تحفظ جي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي آهي. پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينت پروگرام ملڪي ۽ غير ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ اهم عملي ذريعو آهي جنهن جو مقصد معيشت جي مختلف شعبن ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. هي پروگرام قومي ترقياتي فريم ورڪ تحت طئي ٿيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جي عاڪسي ڪري ٿو ۽ 13 هين پنجن سالن واري منصوبي ”اڏام پاڪستان“ ۽ فائيو ايز حڪمت عملي (روانگي واپار، اي پاڪستان، ماحوليات، توانائي ۽ انفر اسٽرڪچر ۽ مساوات ۽ بااختياري) جي موجب متوازن، منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي ٿو. ان کانسواءِ اهم انفرا اسٽرڪچر منصوبن جي وقت سر تڪميل لاءِ به منساب وسيلا رکيا ويا آهن ته جيئن معاشي سرگرمين کي وقت هٿي ڏئي سگهجي. حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي ۽ بااختياري لاءِ دانش اسڪول پروگرام جو دائرو وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم جي شعبي لاءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فنڊ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن جي ترقياتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڄاڻايل علائقن لاءِ به مناسب مالي وسيلا رکيا ويا آهن ته جيئن سڄي ملڪ ۾ متوازن ۽ جامع ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي اڳواڻي ۾ تياري ڪيل پي ايس ڊي پي 27-2026ع جو مقصد پائيدار معاشي ترقي، روزگار جي موقعن ۾ واڌ، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي تيز رفتار بنيادن تي مڪمل ڪرڻ آهي.











