پي ايس ڊي پي تحت پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ترقياتي منصوبن لاءِ گڏيل طور تي 1،335 ملين روپيا مختص

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي ترقياتي منصوبن لاءِ گڏيل طور تي 1،335 ملين روپيا مختص ڪيا آهن. پي ايس ڊي پي 2026-27 موجب نائيلوپ پي آءِ اي اي ايس ايمرجنگ ٽيڪنالوجيز سينٽر جي منصوبن لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 635 ملين …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي ترقياتي منصوبن لاءِ گڏيل طور تي 1،335 ملين روپيا مختص ڪيا آهن. پي ايس ڊي پي 2026-27 موجب نائيلوپ پي آءِ اي اي ايس ايمرجنگ ٽيڪنالوجيز سينٽر جي منصوبن لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 635 ملين روپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته انهن منصوبن جي گڏيل خرچ جو ڪاٿو 2،891 ملين روپيا آهن. اهڙي ريت ميڊيڪل آئسو ٽوپس فيسليٽي جي قيام وارن منصوبن لاءِ بجيٽ ۾ 390 ملين روپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جنهن جو ڪل خرچ 1،638 ملين روپيا آهي. پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن تحت فصلن جي موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ سمارٽ هائبرڊ قسمن جي تياري لاءِ اسپيڊ بريڊنگ پليٽ فارم جي منصوبن لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ان اسڪيم جو گڏيل خرچ 990 ملين روپيا آهي. اهڙي ريت ڪراچي ڪوسٽل پاور پروجيڪٽ (يونٽ 1 ۽ 2) لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 10 ميلن روپيا مختص ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت مروت رينج ۾ ريڊيو ايڪٽومنرلز جي ڳولا لاءِ نئين غير منظور ٿيل منصوبي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ 100 ملين روپيا رکيا ويا آهن جنهن جي ڪل خرچ جو ڪاٿو 850 ملين روپيا آهي.