اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ريليف، عوامي ڀلائي ۽ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ۽ زرعي ترقي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي ترقي جي بجيٽ آهي، هاڻي خوشحالي جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ سان بجيٽ ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، ترقي جو سفر ڀرپور طريقي سان …
بجيٽ ريليف، عوامي ڀلائي ۽ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ۽ زرعي ترقي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي ترقي جي بجيٽ آهي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ريليف، عوامي ڀلائي ۽ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ۽ زرعي ترقي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي ترقي جي بجيٽ آهي، هاڻي خوشحالي جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ سان بجيٽ ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، ترقي جو سفر ڀرپور طريقي سان جاري رهندو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران وفاقي بجيٽ جي حوالي سان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته الله تعالى جا تمام گهڻا شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن جي فضل ۽ ڪرم ۽ قوم جي دعائن سان اسان معاشي استحڪام حاصل ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اسان بجيٽ ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هر شهري جا دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو جنهن مشڪل ترين حالتن ۾ صبر ۽ تحمل جو مظاهروڪيو، مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي ملڪ جي معاشي استحڪام جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، عوام سان واعدو ڪيو هو ته معاشي استحڪام حاصل ٿيڻ کانپوءِ جا ثمر سڌوسنئون عام ماڻهو تائين پهچائينداسين، الحمدالله هاڻي خوشحالي جو وقت شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪل دور کانپوءِ جنهن بهتري ۽ ريليف جو مون توهان سان واعدو ڪيو هو ۽ جنهن ريليف جي منهنجي قوم حقيقي معنى ۾ مستحق آهي، ان جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته هي بجيٽ ريليف جي بجيٽ آهي، عوامي ڀلائي جي بجيٽ آهي، اها پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي بجيٽ آهي، اها روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتن جي فروغ، زرعي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي ترقي جي بجيٽ آهي. وزيراعظم چيو ته هن بجيٽ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته معيشت جي مضبوطي جا ثمر سڌوسنئون عوام تائين پهچن ۽ هر طبقو ان ترقي ۾ شامل ٿئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ پوري معاشي ٽيم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن جي اڻٿڪ محنت، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جذبي ان ريليف کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام تحت عوام کي پنهنجي ڇت جي سهولت فراهم ڪرڻ کان وٺي ٽيڪس ريليف تائين، نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ وچولي طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ توهان جي حڪومت ٺوس ۽ موثر قدم کنيا آهن، انشاءَ الله ترقي جو اهو سفر ڀرپور طريقي سان جاري رهندو ۽ اسان عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.








