وفاقي حڪومت پاران سبسڊائيز صارفين جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ تصديق ڪرڻ جو فيصلو، بجلي صارفين کي سبسڊي فراهم ڪرڻجي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سبسڊائيز صارفين جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته بجلي صارفين کي سبسڊي فراهم ڪرڻجي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته توانائي ڪنهن به معيشت جي شهه …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سبسڊائيز صارفين جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته بجلي صارفين کي سبسڊي فراهم ڪرڻجي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته توانائي ڪنهن به معيشت جي شهه رڳ آهي. گذريل سال ۾ خطي ۾ بحران جي باوجود پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ڪيترن ئي محاذن تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. گذريل ٻن سالن ۾ حڪومت توانائي جي شعبي ۾ اهڙا اسٽريڪچرل سڌارا شروع ڪيا آهن جيڪي نه رڳو موجوده بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آهن پر ايندڙ امڪاني بحران جي لاءِ به پاڪستان کي تيار ڪندا. اسان جو مقصد توانائي ۾ پاڻڀرائپ، صارفين جي لاءِ گهٽ قيمتون ۽ هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو ضمانتن تي کان گهٽ کان گهٽ دارومدار ڪري. ان سوچ تحت آئون هن ايوان جي سامهون بجلي، گئس ۽ تيل جي ميدان ۾ اسان جي اهم قدمن جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس. هن چيو ته بجلي جو شعبو پنهنجي تاريخ جي سڀ کان گهرن سڌارن واري دور مان گذري رهيو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ ان شعبي ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جو مظاهرو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ مالي سال 26 – 2025ع ۾ بجيٽ ۾ مختص ڪيل سبسڊي جي ڀيٽ ۾ 143 ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت حاصل ڪئي وئي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها گهٽتائي مستحق صارفين تي بار وجهي نه پر سڌارن وسيلي حاصل ڪئي وئي. جڏهن ته آءِ پي پيز سان ڳالهين جي نتيجي ۾ اٽڪل 3.7 ٽريلين رپين جي بچت حاصل ڪرڻ جا قدم کنيا ويا. هن چيو ته ان شعبي جي سڌارن ۾ سڀ کان اهم قدم ڪامپيٽيٽو ٽريڊنگ باءِ ليٽرل ڪانٽريڪٽ مارڪيٽ جي عملي شروعات آهي. هن سال جنوري مهيني ۾ مارڪيٽ جي باضابطا شروعات جو اعلان ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 2026ع ۾ ان تحت پهرين ڪامپيٽيٽو نيلامي منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ اٽڪل 800 ميگاواٽ بجلي جو ڪاروبار هڪ چٽاڀيٽي تي ٻڌل مارڪيٽ تحت ٿيندو. هي ڪا معمولي اڳڀرائي نه آهي. هيستائين پاڪستان ۾ بجلي هڪ ئي سرڪاري خريدار ذريعي خريد ڪئي ويندي هئي، جيڪو سرڪاري ضمانتن جي سهاري معاهدا ڪندو هو. اڄ اسان ان پراڻي، مهانگي ۽ سرڪاري ضمانتن تي ٻڌل نظام مان نڪري هڪ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ طرف وڌي رهيا آهن. هي پاڪستان جي بجلي جي معيشت جي بنيادي نئين سر جوڙجڪ آهي. هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ هڪ ملڪ گير مشق وسيلي اسان سڀني سبسڊائيز صارفين جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ تصديق ڪنداسين ته جيئن جنوري 2027ع کان پاڪستان ۾ سڌي سنئين سبسڊي مڪينزم جي شروعات ڪري سگهجي يعني سبسڊي اتي پهچندي جتي ان جي اصل ضرورت آهي. هي اهو ئي منصفاڻو ماڊل آهي جيڪو اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي اختيار ڪيو. هن چيو ته ان سڌاراجاتي ايجنڊا جو هڪ ٻيو اهم ٿنڀ گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ آهي. مون کي ايوان کي ٻڌائيندي اطمينان ٿي رهيو آهي ته موجوده مالي سال ۾ بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض جي نيٽ زيرو اڪيوموليشن حاصل ڪئي وئي آهي يعني هن سال ان بار ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو. جڏهن ته گردشي قرض جي ذخيري ۾ هڪ هزار 225 ارب رپين جي لون سيٽلمينٽ تي اڳڀرائي ٿي آهي. ان سان گڏ اين ٽي ڊي سي جا اداراجاتي سڌارا به جاري آهن جن تحت پهچ سسٽم آپريشن ۽ مارڪيٽ آپريشن جي  ڪم ڪار کي جدا جدا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ايل اين جي جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي جو ذڪر ڪندس. پاڪستان هڪ جامع ريسرچ کانپوءِ قطر ۽ ا ٽلي سان پنهنجي ڊگهي مدي واري خريد ۽ وڪري واري معاهدي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ هن سال 2026ع جي لاءِ 35 ايل اين جي ڪارگوز جي گهٽتائي تي اتفاق ڪيو. انهي هڪ فيصلي سان اسان کي اٽڪل 1.2 ارب آمريڪي ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي آهي ۽ اهو انهن ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن سان گذريل 11 مهينن ۾ صارفين جي گئس جي بلن ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو. هن چيو ته ايران آمريڪا جنگ کي نظر ۾ رکندي اسان مقامي گئس جي پيداوار وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو. مارچ 2026ع کانپوءِ اسان جي تيل جي ڳولا جي ڪمپنين قومي نظام ۾ اٽڪل 100 ايم ايم سي ايف ڊي اضافي گئس شامل ڪئي آهي، جنهن بجلي جي پيداوار ۾ شارٽيج کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي. اسان ڀاڻ جي پيداوار کي هڪ لمحي جي لاءِ به رڪجڻ ناهي ڏنو. ملڪ جي 10 ڀاڻ تيار ڪندڙ ڪارخانن کي گئس جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي. اهڙي طرح ايل اين جي تي ڪم ڪندڙ پلانٽس جي لاءِ گئس مخصوص ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ميدان ۾ به اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان 20 سالن کانپوءِ آف شور لائيسنگ جا 24 بلاڪ قومي ۽ عالمي اي اينڊ پي ڪمپنين کي الاٽ ڪيا، جيڪي پاڪستان جي آف شور آئل اينڊ گئس ڳولا جي تاريخ جو سنگ ميل آهن. هن چيو ته ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڀائر ملڪ ترڪيه جي قومي تيل ڪمپني ٽي پي اي او پاڪستاني ڪمپنين سان حصيداري وسيلي اسان جي آف شور سيڪٽر ۾ قدم رکيو آهي. مالي سال 26 – 2025ع دوران اي اينڊ پي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالر کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي. ان عرصي ۾ 17 نيون تيل ۽ گئس جون دريافتون ٿيون، جن مان مقامي پيداواري صلاحيت ۾ 108 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ۽ اٽڪل 16 هزار بيرل ڏهاڙي تيل جو اضافو ٿيو. جڏهن ته پروڊڪشن ۾ اضافي وسيلي 229 ايم ايم سي ايف ڊي وسيلي گئس ۽ 13 هزار بيرل تيل قومي نظام ۾ شامل ٿيو.

مزید خبریں