اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڻي منصوبن جي لاءِ 103.1 ارب رپيا مخصوص ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ ٻوڏ معيشت کي گذريل سال 822 ارب رپين جو نقصان ڏنو، اهو نقصان اسان کي ان شعبي ۾ منظم سيڙپڪاري جي فوري ضرورت طرف نشاندهي ڪري ٿو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري …
وفاقي حڪومت پاڻي منصوبن جي لاءِ 103.1 ارب رپيا مخصوص
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڻي منصوبن جي لاءِ 103.1 ارب رپيا مخصوص ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ ٻوڏ معيشت کي گذريل سال 822 ارب رپين جو نقصان ڏنو، اهو نقصان اسان کي ان شعبي ۾ منظم سيڙپڪاري جي فوري ضرورت طرف نشاندهي ڪري ٿو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان کي پاڻي جا ڪيترائي سنگين چئلينج درپيش آهن جنهن ۾ ذخيرن جي گهٽ ٿيندڙ صلاحيت ۽ موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ ٻوڏ، گذريل سال درياهن مان ايندڙ ٻوڏ اسان جي معيشت کي 822 ارب رپين جو نقصان ڏنو، اهو نقصان اسان کي ان شعبي ۾ منظم سيڙپڪاري جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪري ٿو. ان جي لاءِ وفاقي بجيٽ 27 – 2026ع ۾ 43 پاڻي منصوبن جي لاءِ 103.1 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. سڀ کان اهم منصوبن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 14 ارب، مهمند ڊيم جي لاءِ 22 ارب رپيا، داسو هائيڊرو پاور جي لاءِ 15 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي وڏي واٽر سپلاءِ منصوبي ڪي فور جي لاءِ 10 ارب رپيا شامل آهن.








